Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

مال جي نگھباني ڪنديون. * اسان جڏهن به سفر تي روانا ٿيون ته اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي اهل ۽ مال کي الله عَزَّوَجَلَّ جي حوالي ڪري وڃون. بلڪه ٿي سگھي ته گھروارن کي هيٺ ڏنل ڪلمات چئي سفر تي روانا ٿيون. اَسْتَوْدِعُکَ اللہَ الَّذِیْ لَایُضِیْعُ وَدَائِعَہٗ۔ ترجمو: آئون توهان کي الله عَزَّوَجَلَّ جي حوالي ڪريان ٿو جيڪو سونپيل امانتن کي ضايع نه ڪندو آهي. (سنن ابن ماجہ، ڪتاب الجہاد، باب تشبيع الغزوة ووداعھم، الحديث، ۲۸۲۵،ج۳،ص۳۷۲) * واپار جي لاءِ سفر ڪرڻ وارن اسلامي ڀائرن کي گھرجي ته هي پنج سورتون پڙهي وٺن (۱) قُلْ یٰاَیُّھَاالْکٰفِرُوْنَ آخر تائين (۲) اِذَا جَآءَ نَصْرُ اللہِ وَالْفَتْحُ آخر تائين (۳) قُلْ ھُوَ اللہُ اَحَدٌ آخر تائين (۴) قُلْ اَعُوْذُ بِرَ بِّ الْفَلَقِ آخر تائين (۵) قُلْ اَعُوْذُ بِرَ بِّ النَّاسِ آخر تائين * جڏهن ڏاڪڻين تي چڙهو يا اونچي جڳھ جي طرف هلو، يا اسان جي بس وغيره ڪنهن اهڙي روڊ کان گذري جيڪو اونچائي جي طرف وڃي رهيو هجي ته اَللہُ اَکْبَرُچوڻ سُنّت آهي ۽ جڏهن ڏاڪڻين کان لهڻ يا لاهي (يعني هيٺاهين) جي طرف هلڻ وقت سُبْحَانَ اللہِچوڻ سُنّت آهي. * مسافر کي گھرجي ته اهو دعا کان غفلت نه ڪري هي جيستائين سفر ۾ آهي ان جي دُعا قبول ٿيندي آهي بلڪه جيستائين گھر نه پهچي ان وقت تائين دعا مقبول آهي. * منزل تي لهو ته وقت بوقت هي دعا پڙهو، اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ هر نقصان کان بچندا. دعا هي آهي: اَعُوْذُ بِکَلِمَاتِ اللہِ التَّآمَّاتِ مِنْ شَرِّمَا خَلَقَ ترجمو: الله عَزَّوَجَلَّ جي ڪلماتِ تامه جي پناھ گھران ٿو ان جي شر کان جنهن ان کي پيدا ڪيو. (ڪنز العمال ،ڪتاب السفر ، الفصل الثاني في آداب السفر، الحديث ۱۷۵۰۸،ج۶،ص۳۰۱) * سفر کان واپسي تي گھروارن جي لاءِ ڪو تحفو وٺي اچو جو هي سُنّت آهي. سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم