Book Name:Hazrat e Ibrahim ki Qurbaniyan

پڙهائڻ به آهي. قرآن پاڪ الله عَزَّوَجَلَّ جو مبارڪ ڪلام آهي، ان جو پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ ٻڌڻ ٻڌائڻ سڀ ثواب جو ڪم آهي. پر ثواب ان وقت ملندو جڏهن دُرُست تَلَفّظ سان پڙهيو وڃي نه ته گھڻو ڪري ثواب جي بجاءِ ٻانهو عذاب جو مستحق بڻجي ويندو آهي. منهنجا آقا اعليٰ حضرت، امام اهلسنّت، مُجَدّد دين ۽ ملت، پروانهء شمع رسالت، مولانا شاهه امام احمد رضا خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الرَّحْمٰن فرمائن ٿا: ”بيشڪ ايتري تجويد جنهن سان تَصحيحِ (تَصۡ. حِي. حِ) حُروف ٿئي (يعني تجويد جي قاعدن جي مطابق حُروف کي دُرُست مخارج سان ادا ڪري سگھي) ۽ غلط خواني (يعني غلط پڙهڻ) کان بچي، فرضِ عين آهي.“ (فتاويٰ رضويہ مُخَرَّجَہ ج۶ ص ۳۴۳) قرآنِ ڪريم پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ڪيتري قدر فضيلت وارو آهي. جيئن ته نبيِّ مُڪرّم، نُورِ مُجسَّم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ مُعظَّم آهيخَیْرُکُمْ مَنْ تَعَلَّمَ الْـقُرْاٰنَ وَعَلَّمَهٗ يعني توهان مان بهترين شخص اهو آهي جيڪو قرآنِ پاڪ سکي ۽ سيکاري. (بخاري، ڪتاب فضائل القرآن، باب خيرکم من تعلم القرآن...الخ، ۳/۴۱۰،حديث:۵۰۲۷) حضرت سيِّدُنا ابو عبدالرحمٰن سُلَميرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مسجد ۾ قرآن پاڪ پڙهائيندا هئا، ۽ فرمائيندا هئا؛ انهي حديثِ پاڪ ئي مون کي هتي ويهاريو آهي.

(فَيضُ القَدير ج 3 ص 618 تحت الحديث 3983)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به دُرُست مخارج ۽ قاعدن سان گڏ قرآن ڪريم پڙهڻ جا خواهشمند آهيون ۽ پڙهڻ به گھرجي ته مدرسة المدينه (بالغان) ۾ ضرور شرڪت ڪيو. اَلۡحَمۡدُلِلهِ عَزَّوَجَلَّ مختلف جڳهن ۽ مسجدن وغيره ۾ عام طور تي نمازِ عشاء کان بعد هزارين مدرسة المدينه (بالغان) جي ترڪيب هوندي آهي، جنهن ۾ وڏي عمر جا اسلامي ڀائر صحيح مخارج سان حروف جي ادائيگي سان گڏ قرآن ڪريم سکندا ۽ دعائون ياد ڪندا آهن، نماز وغيره دُرست ڪندا ۽ سُنّتن جي مفت تعليم حاصل ڪندا آهن. ان کان علاوه دنيا جي مختلف ملڪن ۾ گھرن جي اندر تقريبًا روزانه