Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

سرکار جي آمد …مرحبا  سردار جي آمد …مرحبا  آمنہ جي گل جي آمد  …مرحبا
رسولِ مقبول جي آمد …مرحبا    پياري جي آمد …مرحبا    سٺي جي آمد … مرحبا
سچي جي آمد …مرحبا    سهڻي جي آمد …مرحبا   مُختارجي آمد …مرحبا
مُختار جي آمد …مرحبا   مُختار جي آمد …مرحبا

مرحبا يا مصطفٰي        مرحبا يا مصطفٰي        مرحبا يا مصطفٰي        مرحبا يا مصطفٰي

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

بي مثال حُسن جا پيڪر!

منقول آهي ته هڪ ڀيري ڪجھ غير مُسلِم اَمِيرُالمُؤمنين حَضرتِ سَيدُنا علي المرتضٰي شير خدا ڪرّم الله تعالٰي وجهہ الڪريم جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيائون: اي ابوالحسن! پنهنجي چاچي جي پٽ (يعني پياري آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جا وصف بيان ڪيو! ته پاڻ رَضِىَ الله تَعَالٰی عَـنْهُ اِرشاد فرمايو: رَسُولُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم نه ته گھڻا ڊگھا هئا ۽ نه ئي بلڪل ننڍي قد جا، بلڪ وچولي قد کان ڪجھ ڊگھا هئا، رنگ مبارڪ سفيد هو جنهن ۾ ڳاڙهاڻ جو به اثر هو، مبارڪ زلف (يعني وارَ مبارڪ) نه وڌيڪ گھنگھريالا هئا بلڪ ڪجھ خمدار هئا جيڪي ڪنن تائين هوندا ها،ڪشاده پيشاني، سُرمگين اکيون، چمڪندڙ مبارڪ ڏند، بُلند نڪ، ڪنڌ گهڻو صاف جهڙو چاندي جي صراحي، جڏهن هلندا هئا ته مضبوطي سان قدم رکندا هئا جيئن بلندي تان لهي رهيا هجن، جڏهن ڪنهن ڏانهن متوجھ ٿيندا هئا ته پوري توجُّه فرمائيندا هئا، جڏهن بيهندا هئا ته ماڻهن کان بلند لڳندا هئا ۽ جڏهن ويهندا هئا تڏهن به سڀني ۾ نُمايان هوندا هئا، جڏهن گفتگو ڪندا هئا ته ماڻهن تي خاموشي ڇانئجي ويندي هئي، جڏهن خطبو اِرشاد فرمائيندا هئا ته سامعين تي گِريو (روئڻ واري حالت) طاري ٿيندي هئي، ماڻهن تي سڀ کان وڌيڪ رحيم ۽ مهربان، يتيمن جي لاءِ شفيق پيءُ وانگر، بيوائن جي لاءِ ڪريم ۽ نرم دل، سڀني کان وڌيڪ بهادر، سڀني کان گھڻا سخي ۽ روشن چهري وارا هئا، عباء (جُبو) پائيندا هئا، جَوَ جي ماني کائيندا هئا، حضور