Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

پاڙيسري ۽ رِشتيدار بدظن نظر اچن ٿا، اسان سان ڏيتي ليتي ڪم ڪار ۽  ٻيا معاملا ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا، آخر ائين ڇو آهي؟ ڪٿي اسان بداَخلاقي، تڪبر، ڳالھ ڳالھ تي لڙائي جَھيڙو ڪرڻ جهڙي بُري عادتن ۾ گرفتار ته نه آهيون؟ تنهنڪري جڏهن به ڪنهن سان ڪو مُعامَلو هجي ته اسان جي ڪوشِش اها هجي ته ان سان حُسْنِ اَخلاق سان پيش اچون ڇوته حُسنِ اَخلاق نهايت ئي خُوبصورت ۽ عُمدَه صِفَت آهي جو جنهن سان پرايو به پنهنجو ٿي ويندو آهي، خُوش اَخلاقي

سان غَير مُسلم(Non-muslim) به مسلمان ٿي ويندو آهي، خُوش اَخلاق کي  معاشري ۾ عزّت جي نگاھ سان ڏٺو ويندو آهي۔ الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي به حُسنِ اَخلاق جي دولت سان مالا مال فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’مدرسة المدينه بالغان ‘‘

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً اسان جي پياري پياري آقا، حبيبِ ڪبريا، مڪي مدني مُصطفيٰ  صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو حُسن ۽ جمال بي مثال هو، مصطفٰي جي صورت سان گڏوگڏ حضور جي پاڪيزه سيرت  ۾ به سندن جو ڪو ثاني نه آهي، حضور م اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي باري ۾ اهڙيون ئي پياريون پياريون ڳالهيون ڄاڻڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ 12 مدني ڪمن ۾ حصو وٺو، 12 مَدَني ڪمن مان روزانو جو هڪ مَدَني ڪم ”مدرسةُ المدينه بالغان“ ۾ پڙھڻ يا پڙھائڻ به آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرسةُ المدينه بالغان جي بَرَڪت سان دُرست قرآنِ ڪريم پڙھڻ نصيب ٿيندو آهي ٭ مدرسة المدينه بالغان نماز،وُضو ۽ غُسْل وغيره ضروري اَحڪام سکڻ جو بهترين ذريعو آهي ٭ مدرسة المدينه بالغان ۾ حاضِري جي برڪت سان سٺي صُحبت ملندي آهي۔ ٭ مدرسةُ المدينه بالغان جي برڪت سان قرآن ڪريم پڙهڻ ٻڌڻ جي سعادت ملندي آهي مدرسة المدينه بالغان جي بَرَڪت سان علمِ دين جي دَولت نصيب ٿيندي آهي٭ مدرسةُ المدينه جي بَرَڪت سان