Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

v        اسان جي آقا، مُحَمَّد رَسُوْلُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مُبارڪ چهرو چنڊ ۽ سج کان وڌيڪ روشن،

v        اسان جي آقا، مُحَمَّد رَسُوْلُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُسن و جمال کي ڏسي بيقرار دلين کي چين ملي ٿو،

v        اسان جي آقا، مُحَمَّد رَسُوْلُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُسن وجمال کي ڏسي ماڻهو ڪلمو پڙهندا هئا،

v        اسان جي آقا، مُحَمَّد رَسُوْلُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي حُسن وجمال کي بيان ڪرڻ صحابَه ڪرام ۽  بُزرگانِ دين جو طريقو آهي ۔

v        اسان جي آقا، مُحَمَّد رَسُوْلُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَحسين وجميل هئڻ سان گڏوگڏ بااخلاق،عاجزي جا پيڪر، ٻارن سان مَحَبَّت ڪرڻ ۽ غريبن جي مدد، غمزدن ۽ لاچارن جي حاجت روائي ڪرڻ وارا هئا۔الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي پاڻ ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سچي مَحَبَّت نصيب فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين  صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

ٻارهين تاريخ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ ٻارهين رات آهي ۽ انهيء نسبت سان 12 جي عدد سان اسان کي پيار آهي۔شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت حضرت علامه مولانا ابو بلال محمدالياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي نعتيه ديوان ”وسائل ِ بخشش ۾ فرمائن ٿا:

 

کیوں بارہویں پہ ہے سبھی کو پیار آگیا               آیا اسی دن احمدِ مختار آگیا

گھر آمنہ کے سیّدِ ابرار آگیا              خوشیاں مناؤ غمزدو غمخوار آگیا

برسِیں گھٹائیں رحمتوں کی جُھوم جُھوم کر          رحمت سراپا جب مِرا سردار آگیا