Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

هٿ مبارڪ

          رحمتِ عالَم،نُورِمُجَسَّم، شهنشاھ اُمم، محبوبِ ربِّ اڪرم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ٻانهن ۽ تريون گوشت سان ڀريل هيون۔ ڪارائيون ڊگھيون، ترين جي پُشت ڪشاده ۽  اڱريون ڊگھيون هيون۔ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون اڱريون ڄڻ چاندي جون شاخون هيون۔ مبارڪ تِريون ريشم کان وڌيڪ نرم Soft)) هيون ۽ عطر کپائڻ واري جي تري وانگر مهڪنديون هيون، چاهي پاڻ خوشبو کي هٿ لڳايو هجي يا نه۔ جيڪو شخص به پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان مصافحو ڪندو هو، اهو سڄو ڏينهن پنهنجي تري مان خوشبو محسوس ڪندو هو ۽ رحمت عالم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن ٻار جي مٿي تي دستِ رحمت ڦهيرندا هئا ته ان جي مٿي مان خوشبو اچڻ جي ڪري ٻين ٻارن ۾ سڃاتو ويندو هو۔ (احياء العلوم ، ۲/۱۳۲۵) جن شين کي سندن مبارڪ هٿ لڳي ويندو هو اها شيء ڪئي ڪئي صحابَه ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان کي ڪفايت ڪندي هئي، جيئن ته

حضرت سَيدُنا جابررَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا ته حُدَيبِيه جي ڏينهن اسان کي اُڃ لڳي جڏهن ته پاڻي ختم ٿي چڪو هو، حضورِ پُرنور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڇا ٿيو؟ ماڻهن عرض ڪيو اسان وٽ پيئڻ ۽ وضو  ڪرڻ جي لاءِ پاڻي نه آهي، ان وقت پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ وٽ  هڪ ڪؤنري جي برابر  پاڻي هڪ ٿانوَ ۾ هو، پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو دستِ اقدس ان ٿانوَ ۾  رکيو ته پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ اڱرين مان پاڻي جا چشما  Springs)) نڪري پيا، اسان سڀني ان مان پاڻي پيتو ۽  وضو به ڪيو۔  حضرت جابر رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه کان پڇيو ويو، ان وقت اوهان ڪيترا ماڻهو هئا، فرمايائون (1500) هئاسين اسان جيڪڏهن هڪ لک به هجون ها ته اهو پاڻي اسان کي ڪفايت ڪري هئا۔ (صحيح البخاري،ڪتاب المناقب ، باب  علامات النبوۃ  في الاسلام  ، الحديث: ۳۵۷۶، ۲/۴۹۳) 

اُنگلیاں ہیں فیض پر ٹُوٹے ہیں پیاسے جھوم کر

ندیاں پنج آب رحمت کی ہیں جاری واہ واہ

 مختصر وضاحت: صلح حديبيه جي موقعي تي جڏهن پاڻي ختم ٿيو ته سرڪار