Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي معجزانه شان هيئن ڏيکاري جو هڪ ٿانوَ ۾ هٿ مبارڪ رکيو ته پاڻ جي فيض وارين آڱرن مان پاڻي جا چشما جاري ٿي ويا صحابه ڪرام پنهنجي اڃ ختم ڪرڻ جي لاءِ ڊڪيا سڀني خوب پيتو ۽ پنهنجي سوارين کي به پياريو جو اهو پاڻي وجود مصطفٰي جي خوشبو سان معطر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پير مبارڪ

   ٻئي پير مُبارَڪ گوشت سان ڀريل ۽ خُوبصُورت اهڙا جو ڪنهن جا نه هئا ۽ نَرم ۽ صاف اهڙا جو ان تي پاڻي ٿورو به نه رُڪندو هو، بلڪه فوراً وَهي ويندو هو.جنهن شيء سان لڳندو هو اها شيء برڪت واري ٿي ويندي هئي حُضُور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن پٿر تي هلندا هئا ته اهو (پٿر) نَرم ٿي ويندو هو، ته جيئن پاڻ آساني سان ان تان گُذري وڃن ۽ جڏهن ريتيءَ تي هلندا هئا ته ان ۾ پير مُبارَڪ جو نشان نه ہوندو هو۔ (سيرتِ رسولِ عربي ،ص۲۷۷)

گورے گورے پاؤں چمکا دو خُدا کے واسطے

نُور  کا  تڑکا  ہو  پیارے  گور  کی شب تار ہے

(حدائقِ بخشش ،ص۱۷۷)

شعر جي وضاحت:  اي منهنجا پيارا رسول صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! خُدا جي واسطي پنهنجا سهڻا سهڻا ۽ نُوراني قدمَ منهنجي اونڌاھ قَبۡر ۾ رکي ڪري منهنجي قَبۡر جي ڪاري رات کي صُبحِ جيان روشن بڻائي ڇڏيو! ته جيئن منهنجي وحشت دُور ٿي وڃي ۽ نڪيرَين جي سُوالن جا آساني سان جواب ڏئي سگھان۔

حُسن و جمالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

اَوج و کمالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

عادات و خصالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا