Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

آهي، تنهنڪري حضرت جابر ( رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه ) جو هي فرمان بلڪل درست آهي۔ (مِراٰۃُ المَناجِيح، باب اسماء النبي۔۔۔الخ،الفصل الثاني،۸/۶۰)

 

حُسنِ  یُوسُف پہ کٹیں مِصر  میں  انگشتِ زَناں         سَر کٹاتے ہیں تِرے نام پہ مردانِ عرب

 

مُختصروضاحت: مصر جي عورتن جڏهن حسن يوسف ڏٺوته بي اختيار ٿي

پنهنجون آڱرڪٽي ويٺيون اي منهنجا آقا توهان جي حسن ۽ جمال جو عالم ڇا هوندوجڏهن ته توهان جو نالو مبارڪ ئي اهڙو آهي جو عرب جا جوان توهان جي نالي تي پنهنجا سر ڪٽرائي رهيا آهن ۽ قيامت تائين ڪٽائيندا رهندا

حُسن و جمالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

اَوج و کمالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

عادات وخصالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

عز وجلال مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

عظمت وشانِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

چوڏھين جي رات جي چنڊ جھڙو چهرو

هڪ ڀيري نبي ڪريم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  مديني جي باغن ۾ تشريف کڻي ويا، اتي پاڻ هڪ قافلي وارن کي ڏٺو، پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيو ته هتي ڇا جي لاءِ آيا آهيو؟ انهن چيو: اسان هتان جون کجورون وٺڻ جي لاءِ آيا آهيون، انهن وٽ ڳاڙهو اُٺ هو، پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇيائون ڇا توهان هي اُٺ مون کي وڪڻندو؟ انهن چيو: جي ها، ايتري صاع (هڪ پيمانو) کجورن جي بدلي ۾ وڪڻنداسين، پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: مان هتي اُٺ وٺڻ جي نيت سان ته نه آيو هئس، ان ڪري قيمت (Price) ناهي آندي، مان