Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

اُمُّ الْمؤمِنين حضرتِ سيدَتُنا عائشه صدّيقهرَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْها  سَحري جي وقت ڪجھ سبي رهي هئي ته اوچتو هٿ مان سُئي ڪري پئي ۽  چَراغ(Lamp)   به وسامي ويو۔ ايتري ۾ رَحمتِ عالم،نورِمجسَّمصَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تشريف فرما ٿيا۔ چهره  اَنور جي روشني سان سڄو گھر روشن ٿي ويو ايستائين جو سُئي ملي وئي۔
اُمُّ الْمؤمِنين
رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْها  عرض ڪيو: يارَسُوْلَ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جو چهرو ڪيترو روشن آهي۔ سرڪارِ مدينه صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشادفرمايو:
وَيلٌ لِّمَنْ لَّا يرَانِي يوْمَ الْقِيامَۃِ ۔   يعني ان شخص جي لاءِ هلاڪت آهي جيڪو مون کي قيامت جي ڏينهن نه ڏسي سگھندو۔ عرض ڪيو: اهو ڪير آهي جيڪو اوهان کي قيامت جي ڏينهن نه ڏسي سگھندو۔ فرمايائون: اهو بَخيل آهي۔ پڇيو ويو: بَخيل ڪير؟ ارشاد فرمايائون: اَلَّذِي لَا يُصَلِّي عَلَيّ  اِذْ سَمِعَ بِاِسْمِي، جنهن منهنجو نالو ٻڌو ۽  مون تي دُرُودِ پاڪ نه پڙھيو۔ (القول البديع،الباب الثالث في التحذير من ترڪ الصلاۃ  ۔۔۔الخ، ص۳۰۲)

 

سُوزَنِ گُمشُدہ ملتی ہے تبسُّم سے ترے                      شام کو صُبح بناتا ہے اُجالا تیرا

    (ذوقِ نعت،ص۱۶)

حُسن و جمالِ مصطفیٰ  مرحباصدمرحبا                 اَوج و کمالِ  مصطفیٰ مرحبا صد  مرحبا

عادات وخصالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا                عز وجلال مصطفیٰ مرحباصد مرحبا

عظمت وشانِ مصطفیٰ                       مرحبا صد مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مبارڪ اکيون

          سَرڪار صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون مُبارڪ اکيون وڏيون ۽ قُدرتِ الٰهي سان سُرمَگِين (سُرمي واريون) ۽ پلڪون دَراز (ڊگهيون) هيون۔ اکين جي سفيدي ۾ باريڪ ڳاڙها ڏورا هئا۔ (سيرتِ رسول عربي ،ص۲۵۱)۔ پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنهن شخص تي