Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

هاله رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْه فرمائن ٿا ته ٻنهي ڀرون جي وچ ۾ هڪ رڳ هئي جيڪا ڪاوڙ جي حالت ۾ ظاهر ٿيندي هئي۔( الشمائل المحمديه للترمذي ،ص۲۲ حديث۷، ملتقطا)

جن کے سجدے کو مَحرابِ ڪعبه جُھکی        ان بھووں کی لطافت پہ لاکھوں سلام

 (حدائق بخشش ،ص۳۰۰)

مختصروضاحت: اسان جي آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جڏهن هن جہان کي پنهنجي بابرڪت تشريف آوري سان زِينت بخشي ۽ حُضُور (صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي ولادتِ با سعادت ٿي ته سَرڪار صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ ته سجدي ۾  ڪري اللہ عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ پنهنجي اُمّت جي لاءِ دُعا فرمائي رهيا هئا ۽ ڪعبهء مُعظَّمه اوهان جي طرف جُھڪي ڪري اوهان جي نُوراني ڀِرُن جي نَزاڪت ۽ لَطافت کي سَلامي پيش ڪري رہيو هو ۔ (شرح حدائقِ بخشش،ص:۱۰۲۱، بتغير)

نَڪُ مبارڪ

سرڪارِ عالي وقار، مڪي مديني جي تاجدار، منبعِ انوار، صاحبِ عمامه پُر انوار، صاحبِ گيسوءِ مُشڪبار، محبوبِ ربِّ غفّار صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو نَڪ مُبارَڪ خُوبصورت ۽ ڊگھو هو ۽ وچ ۾ اُڀريل نُمايان هو ۽ نڪ جي ہڏي تي هڪ چمڪندڙ نُور هو۔ جيڪو شخص بغور نه ڏسندو هو ته ان کي معلوم ٿيندو هو ته بلند آهي، جڏهن ته بُلند نه هو۔ بُلند ته اهو نُور هو جيڪو ان (نَڪ) کي گھيرو ڪيل هو۔ ( الشمائل المحمديه للترمذي،باب ماجاء في خلق رسول الله،ص۲۲ حديث۷،ملتقطا)

بینی ِ پُرنُور پر رَخْشاں ہے بُکَّہ نُور کا     ہے لِواءُالْحَمْد پر اُڑتا پَھریرا نُور کا

(حدائقِ بخشش،ص،۲۴۳)

مختصر وضاحت: سَرڪار صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پُرنُور نڪ مُبارڪ تي ہر وَقۡت ان طرح نُور چمڪندو رہندو آهي جو ائين لڳندو آهي جيئن لِواءُالۡحَمۡد (قِيامت جي ڏينهن اللہ تَعَاليٰ جي حمد جو جھنڊو جيڪو حُضُور عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي ہٿ ۾ ہوندو ان) جوڦريرو (نشان) ڦڙڪي رہيو آهي۔(شرح حدائقِ بخشش، ص:۷۱۰)