Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

ڪلام يا سوچ يا بي توجّهي سان ارادو ڪرڻ انهن سڀني کان نيت گھڻو پري

آهي، ڇوته نيت هن ڳالھ جو نالو آهي ته دل ان ڪم کي ڪرڻ جي لاءِ بلڪل تيار هجي يعني عزمِ مُصَمَّم ۽  پڪو ارادو هجي۔

                             اڄ کان پوءِ اسان جي ڪا نماز قضا نه ٿيندي، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔ نه ڏاڙھي ڪٽائينداسين، نه هڪ مُٺ کا گھٽائينداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ۔ (ياد رهي! هيئر تائين جيڪو ڏاڙهي ڪٽائڻ جو گناھ ڪيو ان کان توبه به ڪرڻي پوندي) سُنَّت  جي مطابق لباس ۽ مٿي تي سبزسبز عمامي شريف جو تاج سجائينداسين، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ۔ والدين جي نافرماني کان بچنداسين اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ َ۔ ڀينرن، ڀائرن  ۽  ٻين رشتيدارن سان حُسنِ اخلاق  سان پيش اينداسين۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ 

               الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي تمام اهلِ محشر جي اڳيان رُسوا ٿيڻ کان بچائي، پنهنجي ۽ پنهنجي حبيب صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اطاعت ۾ زندگي گذارڻ جي توفيق نصيب فرمائي ڇوته جنهن خوش نصيب پنهنجي جواني عبادت ۽ رياضت ۾ بسر ڪئي هوندي، پنهنجي جواني ۾ قرآنِ  پاڪ جي تلاوت ڪئي هوندي، پنهنجي جواني نيڪي جي دعوت ڏيندي گذاري هوندي، پنهنجي جواني ۾ پوڙهي ماءُ پيءُ جي خدمت  ڪئي هوندي ته اهڙن خوش بخت کي بارگاھ الٰهي مان انعام ۽اِڪرام سان نوازيو ويندو، تنهنڪري انهن پساهن کي غنيمت سمجھندي بُرن دوستن (Friends) جي صُحبت کان بچڻ، گُناهن کان سچي تَوبه ڪرڻ ۽  نيڪين ۾ اِستقامت جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو،  عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن جا مسافر بڻجي وڃو، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ گناهن کان روڪڻ وارا بڻجي وڃو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دنيا ۾ به ڪاميابي اسان جا قدم چُمندي ۽  آخرت ۾ به ڪاميابي نصيب ٿيندي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مَجلِس شُعبَه تَعلِيم

                        اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي جتي سڄي دُنيا ۾ مسلمانن کي نيڪي جي