Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

(الطبقات الڪبري للشعراني ،ج۲،ص۱۰۱)

                                                                                                        شافعِ روزِ جَزا، تم پہ کروروں دُرُود

                                                                                   دافعِ جُملہ بلا ،تم پہ کروروں دُرُود

مختصر وضاحت: اي قيامت جي ڏينهن اسان گناهه گارن جي شفاعت ڪرڻ وارا آقا توهان تي الله عَزَّوَجَلَّ جون ڪروڙين رحمتون نازل ٿين ۽ اي سمورين مصيبتن ۽ تڪليفن کي اسان کان ٽارڻ وارا پيارا آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم توهان تي ڪروڙين درود ۽ سلام هجن.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ “ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبيرللطبراني، ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ڇڙٻ ڏيڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله ، تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                                صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد