Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

مسجد ۾ ويهڻ جو ثواب ملندو آهي٭ مدرسةُ المدينه جي برڪت سان مدني انعامات تي عمل جو جذبو ملندو آهي ـ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بُرائين ۾ مبتلا ماڻهو جڏهن دعوتِ اسلامي وارن عاشقانِ رسول جي صحبت ۾ رهي مدرسة المدينه بالغان ۾ قرآنِ ڪريم سکڻ ايندا آهن ۽ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾حصو وٺندا آهن اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ انهن تي مدني رنگ چڙهندو ويندو آهي۔ اچو! ان جي هڪ ايمان افروز مدني بهار ملاحظه ڪريو ۽ خوش ٿيو.جيئن ته

بدنگاهي جي عادت مان نجات ملي وئي

بابُ المدينه (ڪراچي) جي رهائشي هڪ اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ فلمون ڊراما ڏسڻ، گانا باجا ٻڌڻ ۽ بدنگاهي ڪرڻ جو عادي هو جڏهن ته نمازن جي پابندي جو به ذهن نه هو۔ اتفاق سان هڪ ڀيري ان جي ملاقات سفيد لباس زيبِ تن ڪيل سبز سبز عمامه سجايل هڪ اسلامي ڀاءُ سان ٿي، انهن انفرادي ڪوشش ڪندي مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ان اسلامي ڀاءُ دعوت قبول ڪندي مدرسةُ المدينه (بالغان) ۾ پڙھڻ شروع ڪيو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مدرسة المدينه (بالغان) جي برڪت سان هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت معمول بڻجي ويو، اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکَاتُهمُ الْعَالِيه جا مريد به ٿي ويا۔ نمازي ۽ مسجد ۾ درس ڏيڻ وارا بڻجي ويا۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هاڻي اهو اسلامي ڀاءُ فلمون ڊراما، گانا باجا، بدنگاهي وغيره گناهن کي ڇڏي چڪا آهن ۽ پنهنجي گھر وارن تي به انفرادي ڪوشش ڪندي انهن کي به نمازي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔

 

اگر سُنّتیں سیکھنے کا ہے جذبہ                               تم آجاؤ دیگا سِکھا مدنی ماحول

بُری صحبتوں سے کَنارہ کَشی کر                        کے اچھوں کے پاس آ کے پا مدنی ماحول

سَنور جائے گی آخرت اِنْ شَآءَ اللہ                 تم اپنائے رکھو سَدا مدنی ماحول

گر آئے شرابی مٹے ہر خرابی                        چڑھائے گا ایسا نشہ مدنی ماحول