Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

ان  مُبارڪ اکين سان نظر ڪندا هئا ته ان جا ستل نصيب بيدار ٿي ويندا هئا. جيئن ته

جب آگئی  ہيں جوشِ رحمت  پہ ان  کی آنکھیں 

حضرت سَيدُنا شيبه بن عثمان رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْه پنهنجي ايمان آڻڻ جو واقعو بيان ڪندي فرمائن ٿا ته جڏهن نبي ڪريم (صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) غزوه حُنَين ۾ شريڪ ٿيا ته مون کي خيال آيو ته منهنجي والد ۽  چاچي کي حضرت علي ۽ حضرتحمزه  (رَضِي اللّٰه تَعَالٰي عَنْهما) قتل ڪيو هو، ڇو نه اڄ مان انهن کان بدلو وٺان، انهن جي نبي (صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) کي شهيد ڪريان، ان ارادي سان مان حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ويجھو ٿيس ۽  آئون حملو ڪرڻ ئي وارو هئس ته باھ جو  شعلو (Flame) بجلي وانگر مون ڏانهن وڌيو، جنهن سان خوف زده ٿي آءُ پوئتي وٺي ڀڳس، ايتري ۾ رسولُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نَظرِ ڪرم  مون  تي پئجي وئي ۽ فرمايائون: اي شيبه! پوءِ حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  پنهنجو دستِ قدرت منهنجي سيني تي رکيو ته الله عَزَّوَجَلَّ شيطان کي منهنجي دل مان ڪڍي ورتو ۽  مون حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهري مبارڪ ڏانهن  نظر کنئي ته حضور صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مون کي پنهنجي سماعت ۽ بصارت کان به گھڻا محبوب لڳڻ لڳا۔(دلائل النبوۃ   لابي نعيم ، ۱/۱۱۲،رقم: ۱۴۴)       

جس  طرف   اُٹھ  گئی  دَم   میں  دَم  آ گیا                  اُس  نگاہِ  عنایت   پہ  لاکھوں  سلام

حُسن و جمالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا                 اَوج و کمالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

عادات وخصالِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا             عز وجلال مصطفیٰ مرحباصد مرحبا

عظمت وشانِ مصطفیٰ مرحبا صد مرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڀِرون مُبارَڪ

          سَرڪار صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جون  ڀرون ڊگھيون ۽ باريڪ هيون ۽ درميان ۾ ٻئي ايتري قَدَر مُتّصِل هيون جو پَري کان مليل لڳنديون ہيون۔ حضرت هند بن ابي