Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

دعا ہے یہ تجھ سے دل ایسا لگا دے                    نہ چُھوٹے کبھی بھی خدا مدنی ماحول

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                             گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

(وسائلِ بخشش مرمم،ص۶۴۶تا۶۴۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

               مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُسن ۽ جمال ۽ خوبي ۽ ڪمال ۾ حضور نبي آخرُالزّمان  رحمتِ عالميان صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪو ثاني ناهي۔ محدثن سڳورن پنهنجي پنهنجي انداز سان پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عضوئن جيحُسن ۽ جمال کي بيان ڪيو آهي۔ پر رَسُوْلُ الله صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُسن ۽جَمال ۽  اَوصاف ۽ ڪمال کي ڪما حقہ (ڪامل طور) بيان ڪرڻ اسان جي وس جي ڳالھ نه آهي، پر پنهنجي دلين ۾ رحمت عالم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو عشق وڌائڻ ۽ سندن ذڪرِ خير مان برڪت(Blessing)  ماڻڻ جي لاءِ پاڻ عَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام جي ڪجھ مبارڪ عضوئن جي حُسن ۽ جمال جو تَذڪرو ٻڌي پنهنجو نالو ذڪرِ مصطفيٰ ڪرڻ وارن جي فهرست ۾ ته لکائي سگھون ٿا۔  مثال طور پاڻ سڳورن جو چهرو مبارڪ ڪهڙو هو، پاڻ سڳورن جون مبارڪ اکيون ڪهڙيون هيون؟ سندن جي پيشاني، سندن جا مبارڪ ڪن ڪهڙا هئا، سندن رُخسار ڪيترا خوبصورت هئا۔ اچو! سڀ کان پهريان چهره انور جي نوراني جلوئن جي جھلڪ ملاحظه ڪيون ٿا۔ 

چهرو مبارڪ

پاڻ سڳورن صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ چهري مان هر وقت اَنوارو تجليات جي بارش ٿيندي هئي، پاڻ صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهره انور جي برڪت سان اونداهين ۾ سوجھرو ٿي ويندو هو،  ظلمتن جا بادل ختم ٿي ويندا هئا،  جيئن ته

 گمشُده  سئي ملي آهي اوهان جي مسڪرائڻ سان