Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

 

عظيم نوراني رات!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ 1439 سنِ هجري جي ربيعُ الاول جي ٻارهين جي رات آهي، الله تبارڪ وتعاليٰ جا لک شڪر آهن جنهن اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر عظيمُ الشان فضيلتن ۽ برڪتن ڀري مُقدّس رات نصيب فرمائي، هي اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ محبوبِ ربّ، سلطانِ عرب، رسولِ اڪرم، نورِ مجسّم، شاھ بني آدم، نبي محتشم، شاھ عرب و عجم، شافعِ اُمم، سراپا جُود و ڪرم، دافعِ رَنج و اَلَم صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دنيا ۾ جلوه گر ٿيا۔ اها عظيم رات آهي جيڪا شبِ قدر کان به افضل آهي، اها عظيم رات آهي جنهن ۾ مڪانِ آمِنه رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْها مان اهو عظيم نور چمڪيو جنهن سان اولھ ۽ اوڀر روشن ٿي ويو۔ اها عظيم رات آهي جنهن ۾ حڪمِ خداوندي سان ملائڪن جي آقا جبرئيلِ امين عَلَيه الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام اولھ اوڀر ۽ خانه ڪعبه تي جھنڊو لڳايو۔ اها عظيم رات آهي جو جنهن ۾ الله عَزَّوَجَلَّ جي محبوب صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تشريف آوري تي اِيران جي بادشاھ ڪسريٰ جي محل تي زلزلو آيو ۽ اِيران جو هڪ هزار سالن کان ٻرندڙ آتش ڪده (پارسين جي عبادت گاهه اها وڏي باهه) وسامي ويو ۔

بُجھ گئیں جس کے آگے سبھی مشعلیں

شمع وہ لے کر آیا ہمارا نبی

 (حدائق بخشش ،ص138)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اها عظيم نوراني، جڳمڳ ڪندڙ رات آهي جو هن ۾ الله تعالٰي جي حڪم سان آسمان ۽ جنّت جا دروازا کوليا ويا ها،اڄ جي هن عظيم نوراني رات ۾ حضرت سيدتنا آمنه رَضِىَ الله تَعَالٰى عَنْها جي گلشن جي مهڪندڙ گل، رسولِ مقبول صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۽ عظمت جو مبارڪ ذڪر ڪندا ۽