Book Name:Beauty of Mustafa ﷺ

ٻڌنداسين، شانِ مصطفي ۽ يادِ مصطفيٰ ۾ نعتون پڙهنداسين، مرحبايامصطفيٰ جا نعرا لڳائينداسين ۽ پنهنجي خالي دامن کي رحمتن ۽ برڪتن سان ڀرينداسين.   اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

اسان جي آقا ۽ مولٰي، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي الله عَزَّ  وَجَلَّ سمورين بهترين صفتن سان مزين فرمايو آهي ۽ هر عيب کان پاڪ پيدا ڪيو، ڪيئي زمانه آيا ۽ گُذري ويا پر اڄ تائين اهڙي شان ۽ شوڪت، عزت ۽ رُتبي وارو ڪو آيو آهي نه ايندو۔ اچو! اعليٰ حضرت، امام عشق ومحبت مولانا شاھ امام احمد رضاخان رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه جو نهايت ئي پيارو شعر ٻڌون ٿا ۔

تِرے خُلق کو حق نے عظیم کہا تِری خِلق کو حق نے جمیل کیا

کوئی تجھ سا ہوا ہے نہ ہوگا شہاترے  خالقِ حُسن و اَدا کی قسم

شعر جي وضاحت: اي منهنجا رحمت وارا آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!الله عَزَّ وَجَلَّ توهان صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خُلقِ مُبارڪ (يعني اَخلاق) کي عظيم (تمام وڏو) قَرار ڏنو آهي ۽ توهان صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي وِلادَتِ باسعادت هزارين سَعادَتون ۽ برڪتون کڻي آئي، اهڙي نرالي ۽ حَسِين ڪنهن جي پيدائش نه ٿي۔ منهنجا آقا صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! ڀلا توهان صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جيان ڪير ٿي سگھي ٿو؟ ها ها! زمين ۽ آسمان جي پيدا ڪرڻ واري جو قسم آهي”اوهان صَلَّى الله تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جهڙو  ڪو نه آهي“ (شرحِ حدائقِ بخشش،ص:226)

    اچو! بيان کان پهريان عاشقِ ماھِ ميلاد ۽ عاشقِ ماھ رِسالت، اميرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادِري رضوي ضيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي عطا ڪيل نعرن سان هن نوراني رات جو اِستقبال ڪيون ٿا، ٿي سگھي ته مدني پرچم لوڏي ڪري وڏي جوش ۽ جذبي، محبت ۽ عقيدت سان مرحبا يا مصطفيٰ جي ڌُوم مچايو۔