Qabar Ke Sathi

Book Name:Qabar Ke Sathi

آهي ته سندس نالي وارو پن پيلو ٿي ويندو آهي، جنهن مان مون کي معلوم ٿيندو آهي ته فلاڻو شخص بيمار آھي۔ پوءِ انهن ھڪ پيالو (Bowl) ڏيکاريندي عرض ڪيو: جڏھن پَنُ پيلو ٿي ويندو آهي ته مان هن پيالي جي پاڻي مان ان پڻ تي ڇنڊو هڻندو آهيان، جيڪڏهن پن پنھنجي اصلي رنگ تي اچي ويو ته مطلب ته اھو شخص ان بيماريءَ کان شفا حاصل ڪري وٺندو ۽ جيڪڏهن پن پنهنجي اصلي رنگ تي نه آيو ۽ ڪارو ٿي ويو ته مان سمجهندو آهيان ته سندس موت جو وقت ويجهو اچي ويو آھي۔ مان ان پن کي ڏسندو رھندو آهيان، جڏھن اھو پن وڻ مان ڪِري پوندو آهي ته معنيٰ سندس موت جو وقت اچي ويو آھي، پوءِ جيڪڏهن اُھو شخص نيڪ ھوندو آهي ته مان سهڻي شڪل ۽ صورت ۾ ان وٽ ويندو آهيان ۽ سندس روح قبض ڪري کيس راحت ۽ خوشبو ۾ رکندو آهيان پر جيڪڏهن اهو شخص گنھگار ھوندو آهي ته خوفناڪ شڪل ۾ وٽس ويندو آهيان، ھُو مون کي ڏسي دانهُون ڪندو آهي: اي ملڪ الموت عَلَیْهِ السَّلَام ! منھنجا گناھ وڌي ويا آهن، منھنجو اعمال نامو گناھن سان ڪارو ٿي ويو آهي، افسوس! ھاڻي رخصت جو وقت اچي ويو آھي، مون کي ڪجھ مهلت ڏيو! ته جيئن مان الله پاڪ جي حضور ۾ ڪجھ ڳوڙها ڳاڙي وٺان، ٿورو وقت ڏيو ته جيئن مان پنهنجن گناھن کان توبهه ڪري وٺان۔ مان کيس چوندو آهيان: ناممڪن...!! اِهو ته بلڪل ناممڪن آھي۔ پوءِ مان سندس روح قبض ڪري وٺندو آهيان.([1])

دِلا غافِل نہ ہو یکدم یہ دُنیا چھوڑ جانا ہے                    بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے

تُو اپنی موت کو مت بُھول کر سامان چلنے کا                زمیں کی خاک پر سونا ہے اینٹوں کا سرہانا ہے

نہ بیلی ہو سکے بھائی، نہ بیٹا، باپ تَے مائی                    تُو کیوں پِھرتا ہے سودائی عمل نے کام آنا ہے

عزیزا! یاد کر جس دِن کہ عزرائیل آئیں گے             نہ جاوے کوئی تیرے سنگ اکیلا تُو نے جانا ہے

غُلامؔ اک دَم نہ کر غفلت، حیاتی پر نہ ہو غَرَّہ               خُدا کی یاد کر ہر دَم کہ جس نے کام آنا ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... سُلْوَۃُ الْعَارِفِین،باب ذکر ملک الموت،جلد:2،صفحہ:212 - 215 ملتقطًا۔