Book Name:Qabar Ke Sathi
ان وٽ پهچي ويندا آهن * جڏھن عذاب جا فرشتا سندس پيرن جي طرف کان ايندا آهن ته نماز چوندي آهي: هِن کان پري رهو، هتي توھان جو ڪو ڪم نه آهي، هي اِنهن پيرن تي بيهي الله پاڪ جي عبادت ڪندو هو * پوءِ اهي فرشتا مٿي جي طرف کان ايندا آهن ته روزو چوندو آهن: توھان جي لاءِ هن طرف کان ڪو رستو نه آهي ڇو ته دنيا ۾ الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ هن تمام گھڻا روزا رکيا ۽ تمام گهڻي بک ۽ اُڃَ برداشت ڪئي * فرشتا سندس جسم جي ٻين حصن جي طرف کان ايندا ته حج ۽ الله پاڪ جي راهه ۾ نڪرڻ چوندا آهن: پري ٿيو، هن پنھنجي جسم کي تڪليف ۾ وجهي الله پاڪ کي راضي ڪرڻ جي لاءِ حج ڪيو ۽ ان جي ئي رضا لاءِ سندس راهه ۾ نڪتو هو تنهنڪري توھان جي لاءِ هتي ڪا جاءِ نه آهي * پوءِ اهي هٿن جي طرف کان ايندا ته صدقو چوندو: منھنجي دوست کان پري ٿيو، هنن هٿن مان ڪيترائي صدقا نڪتا آهن جيڪي خالص الله پاڪ جي رضا لاءِ ڏنا ويا ۽ هنن هٿن مان نڪري اُهي الله پاڪ جي بارگاهه ۾ مقبوليت جي درجي تي فائز ٿيا، تنهنڪري هتي توھان جو ڪو ڪم نه آهي۔ پوءِ ان ميت کي چيو ويندو آهي ته تنھنجي زندگي ۽ موت ٻئي بهترين آهن ۽ رحمت جا فرشتا سندس قبر ۾ جنت جو فرش وِڇائيندا، ان جي لاءِ جنتي لباس آڻيندا، حد نگاهه تائين سندس قبر کي ڪشادو ڪيو ويندو ۽ جنت جي هڪ قنديل (Lamp) سندس قبر ۾ روشن ڪري ڇڏيندا جنھن مان هُو قيامت تائين روشني حاصل ڪندو رهندو. ([1])
منقول آهي ته: الله پاڪ حضرت موسيٰ ڪليم الله عَلَیْهِ السَّلَام کي فرمايو ته مان اُمَّتِ محمديه کي 2 نُورَ عطا ڪيا آهن ته جيئن اهي ٻن انڌيرن جي نقصان کان محفوظ رهن۔ موسيٰ ڪليم الله عَلَیْهِ السَّلَام عرض ڪيو: ياالله پاڪ! اهي 2 نُورَ ڪھڙا آهن؟ ارشاد ٿيو: هڪ نُورِ رمضان ۽ ٻيو نُورِ قرآن۔ عرض ڪيائون: موليٰ 2 انڌيرا ڪھڙا آهن؟ فرمايو ويو، هڪ قبر جو ۽ ٻيو قيامت جو. ([2])