Book Name:Qabar Ke Sathi
منھنجو روح قبض ڪري ورتو، افسوس ...!! اُها ڀريل درٻار هڪ لمحي ۾ اڪيلائپ ۾ بدلجي وئي، هاءِ! هاءِ! اهو رعب ۽ دَٻدٻو، جان گهوريندڙ منهنجو لشڪر، اهو پيار ۽ محبت يڪدم وحشت ۽ غربت ۾ تبديل ٿي ويو. ([1])
الله اکبر! پيارا اسلامي ڀائرو! اِهوئي حال آهي، ها اهوئي حال آهي، جيڪو عنقريب اسان تي به طاري ٿيڻو آهي، ها! ها! اسان سڀئي به ان وحشت ۽ تنھائي، غربت ۽ مفلسيءَ جو شڪار ٿيڻ وارا آهيون، جيڪڏھن بادشاهن جو لشڪر کين بچائي نه سگهيو ته اسان جا ٻه چار دوست به اسان کي بچائي نه سگھندا، جيڪڏھن بادشاهن جو تاج ۽ تخت ۽ اونچا اونچا محل کين موت کان بچائي نه سگهيا ته پوءِ اسان جا ننڍا ننڍا گھر، معمولي عزت ۽ شهرت به اسان کي بچائي نه سگھندي، افسوس! ملڪ الموت عَلَیْهِ السَّلَام تشريف کڻي ايندا، روح ڪڍيو ويندو، آخري هِڏڪي ايندي، نظرون ڇت ۾ لڳي وينديون ۽ هيءَ سموري دنيا، پنھنجي بيشمار خوبصورتين سميت اسان جي لاءِ هڪدم پَرائي ٿي ويندي.
جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے یہ عبرت کی جا ہے تماشہ نہیں ہے
ملے خاک میں اہلِ شاں کیسے کیسے مکیں ہو گئے لا مکاں کیسے کیسے
ہوئے ناموَر بے نشاں کیسے کیسے زمیں کھا گئی نوجواں کیسے کیسے
یہی تجھ کو دھُن ہے رہُوں سب سے بالا ہو زینت نرالی ہو فیشن نرالا
جیا کرتا ہے کیا یونہی مرنے والا؟ تجھے حسنِ ظاہر نے دھوکے میں ڈالا
جگہ جی لگانے کی دنیا نہیں ہے یہ عبرت کی جا ہے تماشہ نہیں ہے
روايت آهي: هڪ ڀيري حضرت جبرائيل اَمين عَلَيۡهِ السَّلَام زمين تي آيا، الله پاڪ جي نبي حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام کي ڏٺائون ته اُهي سمنڊ جي ڪناري تي