Book Name:Qabar Ke Sathi
وَ لَقَدْ جِئْتُمُوْنَا فُرَادٰى كَمَا خَلَقْنٰكُمْ اَوَّلَ مَرَّةٍ وَّ تَرَكْتُمْ مَّا خَوَّلْنٰكُمْ وَرَآءَ ظُهُوْرِكُمْۚ-
(پارو: 7، سورة انعام: 94)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ توھان اسان وٽ اڪيلا آيا جيئن اسان توھان کي پھريون ڀيرو پيدا ڪيو ھو ۽ توھان پنھنجي پٺيان اُھو سڀ مال ۽ متاع ڇڏي آيا جيڪو اسان توھان کي ڏنو ھو.
دِلا غافِل نہ ہو یک دَم یہ دنیا چھوڑ جانا ہے
بغیچے چھوڑ کر خالی زمیں اندر سمانا ہے
تِرا نازُک بدن بھائی جو لیٹے سَیج پھولوں پر
یہ ہوگا ایک دن بے جاں اِسے کیڑوں نے کھانا ہے
تُو اپنی موت کو مت بھول کر سامان چلنے کا
زمیں کی خاک پر سونا ہے اِینٹوں کا سِرہانا ہے
نہ بَیلی ہو سکے بھائی نہ بیٹا باپ تے مائی
تُو کیوں پھرتا ہے سَودائی عمل نے کام آنا ہے
حضرت يزيد بن شُريح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ھڪ ڏينھن مان قبرستان ويس، مون ھڪ قبر مان آواز ٻڌو، ڪو چوڻ وارو چئي رھيو ھو: اڄ توھان اسان کي ھن حال ۾ (مَڻَين مٽيءَ ھيٺ دفن ٿيل) ڏسي رھيا آھيو، ڪڏھن اسان به توھان جھڙا ھئاسين، توھان جيان ئي زندگي گذاريندا ھئاسين، توھان جھڙي ئي شڪل ۽ صورت تي ھئاسين، پر افسوس...!! ھاڻي ھي ويرانو آھي، جتي ھوا مٽي اڏائي رھي آھي ۽ اسان ھن ويران کَڏَ ۾ قيد آھيون، اسان مان ڪو به توھان ڏانهن موٽي نه ايندو پر ھا! عنقريب توھان اسان وٽ اچي ويندؤ. ([1])