Book Name:Qabar Ke Sathi
(13): سورة اِخلاص شريف پڙهڻ جا فائدا
حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جنھن مرض الموت ۾ سورت اخلاص شريف پڙھي، ته اُهو قبر جي فتني ۽ ان جي دٻائڻ کان محفوظ رهندو۔ ([1])
بزرگانِ دين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو ته جيڪو شخص هر شبِ جمعه (يعني خميس ۽ جمع جي وچ واري رات) هي درود شريف
اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَ بَارِکْ عَلٰی سَیِّدِنَامُحَمَّدِنِ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَعَلٰی اٰلِہٖ وَصَحْبِہٖ وَسَلِّمْ
پابنديءَ سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙھندو، ته اُهو موت جي وقت سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به، ايتري تائين جو هُو ڏسندو ته سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کيس پنھنجن رحمت وارن هٿن سان قبر ۾ لاهي رهيا آهن. ([2])
پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيري حضرت ابو ذر غِفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کي فرمايو: جڏھن توھان ڪنهن سفر لاءِ روانا ٿيندا آهيو ته ڪيتري تياري ڪندا آهيو! ته پوءِ قيامت جي تياري جو حال ڇا هوندو! اي ابو ذر! ڇا مان توکي اهڙي شيءِ جي باري ۾ نه ٻڌايان جيڪا توکي قيامت جي ڏينھن نفعو پهچائي؟ حضرت ابو ذر غِفاري رَضِیَ اللهُ عَنْہُ عرض ڪيو: منھنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! ضرور فرمايو: پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: سخت گرميءَ جي موسم ۾ حشر جي لاءِ روزو رکو ۽ رات جي اونداھيءَ ۾ 2 رڪعتون پڙھو ته جيئن قبر ۾ روشني ٿئي. ([3])