Book Name:Qabar Ke Sathi
حضرت عبد الله بن غالب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي جڏھن دفن ڪيو ويو ته سندن قبر مان مشڪ جي خوشبو اچڻ لڳي۔ هڪ ڀيري ڪنھن کين خواب ۾ ڏسي پڇيو: توھان جي قبر مان خوشبو ڇا جي اچي رهي آهي؟ فرمايائون: تِلْکَ رَائِحَۃُ التِّلَاوَۃِ وَالظَّمَاءِ يعني اِها تلاوت ۽ روزن جي برڪت آهي۔([1])
نَماز و روزہ وحَجّ و زکوٰۃ کی توفیق عطا ہو اُمّتِ مَحْبُوب کو سدا یاربّ! ([2])
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
هڪ ڊگھي حديث پاڪ ۾ آهي: جڏھن مرڻ واري کي قبر ۾ رکيو ويندو آهي ته * نماز سندس ساڄي طرف کان ايندي آهي * روزا کاٻي طرف کان * قرآن ۽ ذڪر و اذڪار سندس مٿن کان * ان جو نمازن جي لاءِ هلڻ پيرن کان * ۽ صبر قبر جي هڪ ڪنڊ ۾ اچي ويندو آهي۔ پوءِ الله پاڪ عذاب موڪليندو آهي * ته نماز چوندي آهي: پوئتي هٽي وڃ ڇوته هي سڄي زندگي تڪليفون برداشت ڪندو رهيو آهي، هاڻي آرام سان ليٽيو آهي * پوءِ عذاب کاٻي طرف کان ايندو آهي ته روزا به اهڙو ئي جواب ڏيندا آهن * مٿن کان ايندو آهي تڏهن به اِهو ئي جواب ملندو آهي، مطلب ته عذاب ڪنھن به طرف کان سندس ويجھو نه اچي سگهندو آهي جنھن به طرف کان اچڻ چاهيندو آهي، ان طرف کان الله پاڪ جي دوست کي محفوظ ڏسندو آهي تنهنڪري اُهو اتان هليو ويندو آهي * ان وقت صبر سڀني عملن کي چوندو آهي ته مون ان ڪري نه ڳالهايو جو جڏھن توھان سڀ عاجز ٿي وڃو ها ته مان ڳالهايان ها، پر مان هاڻي پل صراط ۽ ميزان تي کيس ڪم ايندس۔([3])