Book Name:Qabar Ke Sathi
اي عاشقان رسول! عبرت جي ڳالهه آهي، ٿورو غور فرمايو! هيءَ زمين جتي اڄ اسان جو گھر آهي، اڄ کان ڪجھ صديون پهريان بابت سوچيو! * ان وقت هتي ڪير رهندو هو؟ شايد اسان نه ڄاڻندا هجون * اهو ڏسڻ ۾ ڪيئن هو؟ * ڇا کائيندو پيئندو هو؟ * ان وٽ پئسو ڪيترو هو؟ طاقت ڪيتري هئي؟ شايد اسان نه ڄاڻندا هجون * هاڻي اهو ڪٿي آهي؟ سندس قبر جا نشان به شايد موجود نه هجن، اِها آهي دنيا...!! هاڻي ٿورو 100، 200 سال پوءِ بابت سوچيو! * هاڻي جنھن گھر ۾ اسان رهون ٿا، 2 صدين کان پوءِ هتي ڪير رهندو؟ اسان نه ٿا ڄاڻون * اهو ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندو؟ * سندس زندگي گذارڻ جو طريقو ڪيئن هوندو؟ اسان نه ٿا ڄاڻون * ان وقت اسان ڪٿي هونداسين؟ اتي ئي جتي اسان کان اڳ وارا پهچي ويا، شايد ان وقت اسان جي قبرن جا نشان به مٽجي چڪا هوندا. جيئن اڄ اسان هن دنيا کي ئي سڀ ڪجھ سمجهي ويٺا آهيون، شايد اسان کان اڳ وارا به ائين ئي سمجهندا هوندا ۽ ممڪن آهي ته اسان کان پوءِ وارا به ائين ئي سمجهن پر حقيقت هيءَ آهي ته هيءَ دنيا نه اسان کان اڳ وارن جي ٿي سگهي ۽ نه اسان کان پوءِ وارن جي ٿيندي ۽ نه ئي اسان سان باوفا آهي۔ هيءَ دنيا اڳ وارن جي لاءِ به هڪ ڌوڪو هئي، اسان جي لاءِ به هڪ ڌوڪو آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ ڳالهه بلڪل حقيقت آهي ته اسان جي ذهنن ۾ تمام گھڻا منصوبا (Plans) هوندا، اسان جي دلين ۾ تمام گھڻا خواب هوندا، اسان روزانو پنھنجي مستقبل جي لاءِ تمام گھڻو سوچيندا آهيون، ڪيترائي نوان نوان منصوبا تيار ڪندا آهيون پر اصل حقيقت (Reality) اِها ئي آهي ته ...!! جڏھن ملڪ الموت (يعني موت جو فرشتو) حضرت عزرائيل عَلَیْهِ السَّلَام تشريف کڻي ايندو، ان کان پوءِ ڪو به منصوبو، ڪو به خواب باقي نه رهندو، تڏھن صرف هڪ ئي شيءِ باقي رهندي ۽ اُهي اسان جا اعمال آهن۔ تنهنڪري اسان کي هن دنيا ۾ اڳتي هلي ڇا ڪرڻو آهي، سٺو گھر، سٺي گاڏي، سٺو ڪاروبار، هي سڀ ڪجهه اسان جي مستقبل جي سوچ آهي پر اسان جو عمل اسان