Book Name:Tere Chehra e Noor Fiza Ki Qasam
وَ الضُّحٰىۙ(۱) وَ الَّیْلِ اِذَا سَجٰىۙ(۲) مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَ مَا قَلٰىؕ(۳)
ترجموڪنزالعرفان: چڙھندڙ ڏينهن جي وقت جو قسم ۽ رات جو جڏهن اها ڍڪي ڇڏي، تنهنجي رب نه توکي ڇڏيو ۽ نه ناپسند ڪيو.
هن ۾ الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تسلي ڏني ته، اي پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! ڪافرن جي ڳالهين کي دل ۾ نه آڻيو! تنهنجي رب نه توکي ڇڏيو آهي ۽ نه ئي توکان ناراض ٿيو آهي.
ڀلا محبوب به ڪڏهن ڇڏيا ويندا آهن؟ * توهان جو رب، جنهن توهان کي ٻنهي جهانن جو محبوب بڻايو آهي * جنهن دلين ۾ اوهان جي محبت کي اهڙي طرح سمايو آهي جو اوهان جا غلام اوهان جي نالي تي جان ڏيڻ پنهنجي لاءِ فخر سمجهندا آهن * توهان جو رب، جنهن پٿرن کان توهان کي سلام چَوِرايا آهن * وڻن کان توهان جا ڪلما پڙهايا آهن * جانورن کان توهان کي سجدا ڪرايا آهن * جبلن ۾ به توهان جي محبت ڀري ڇڏيائين * توهان جو رب، جنهن توهان جي خاطر هيءَ ڪائنات بڻائي * هزارين سال اڳ عرش تي پنهنجي نالي سان گڏ توهان جو نالو سجايو * جنت جي پَنَ پَنَ تي توهان جو نالو لکيو، ڇا ڀلا اوهان جو اهو رب رحمٰن ۽ رحيم اوهان کان ناراض ٿيندو؟ اهو اوهان کي ڇڏي ڏيندو؟ نه...!! نه، اي محبوب! توهان اها هستي نه آهيو جنهن کان ناراض ٿِجي، توهان اهي نه آهيو جن کي ڇڏيو وڃي. توهان ئي ته اُهي آهيو جن جي رِضا ربِ ڪائنات کي مطلوب آهي. توهان ئي ته آهيو جن جي صدقي ۾ رب ڪريم جي درگاهه جا ڌِڪاريل مقبول ٿي ويندا آهن.
ڇا ته خوبصورت چيو آهي مولانا حسن رضا خان صاحب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه:
عجب پیاری پیاری ہے صُورت کسی کی ہمیں کیا خُدا کو ہے الفت کسی کی
کسی کو کسی سے ہوئی ہے نہ ہو گی خُدا کو ہے جتنی محبّت کسی کی
رَفَعْنَا لَکَ ذِکْرَک پر تصدق سب اونچوں سے اونچی ہے رِفعت کسی کی
فَتَرْضٰی نے ڈالی ہیں باہیں گلے میں کہ ہو جائے راضِی طبیعت کسی کی ([1])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد