Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil
اُولٰٓىٕكَ كَتَبَ فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْاِیْمَانَ وَ اَیَّدَهُمْ بِرُوْحٍ مِّنْهُؕ-وَ یُدْخِلُهُمْ جَنّٰتٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاؕ-رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَ رَضُوْا عَنْهُؕ-اُولٰٓىٕكَ حِزْبُ اللّٰهِؕ-اَلَاۤ اِنَّ حِزْبَ اللّٰهِ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۠(۲۲) (پارو: 28، المجادله: 22) ترجموڪنزالعرفان: هِي اُهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ اللہ اِيمان نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي ۽ اُهو انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل فرمائيندو جن جي هيٺان نهرون وهنديون آهن انهن ۾ هميشه رهندا، اللہ انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي اللہ کان راضي ٿيا، اُهي اللہ جي جماعت آهن، ٻڌو! اللہ جي جماعت ئي ڪامياب آهي.
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن آيتِ ڪريمه جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: هن آيتِ ڪريمه ۾ صاف صاف فرمايو ويو آهي ته جيڪو اللہ ۽ رسول جي بارگاهه ۾ گستاخي ڪري، مسلمان ان سان دوستي نه ڪندو. جنهن جو واضح مطلب اهو ٿيو ته جيڪو ان سان دوستي ڪندو، اهو مسلمان نه هوندو. پوءِ هن حڪم جو بلڪل عام هجڻ، بِالتَّصْرِیْح (يعني وضاحت سان) ارشاد فرمايو ته پيءُ، پٽ، ڀاءُ، عزيز سڀني کي شامل ڪيو ويو، يعني ڪو اوهان جي نظر ۾ ڪيترو به معزز يا فطرتاً محبوب ڇو نه هجي، جيڪڏهن اِيمان آهي ته گستاخي کان پوءِ ان سان محبت نه ٿا رکي سگهو، ان جو مانُ ۽ مرتبو نه ٿا مڃي سگهو، نه ته مسلمان نه رهندؤ. اللہ پاڪ جو ايترو فرمائڻ ئي مسلمانن لاءِ ڪافي هو، پر ڏسو هُو اوهان کي پنهنجي رحمت ڏانهن سڏي رهيو آهي، پنهنجين عظيم نعمتن جي لالچ ڏياري رهيو آهي ته جيڪڏهن اوهان اللہ ۽ رسول جي عظمت آڏو ڪنهن جو لحاظ نه رکيو، ڪنهن سان تعلق نه رکيو ته اوهان کي ڪهڙا ڪهڙا فائدا حاصل ٿيندا:
(1): اللہ پاڪ اوهان جي دلين ۾ اِيمان نقش ڪري ڇڏيندو، جنهن ۾ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! سُٺي خاتمي جي عظيم خوشخبري آهي، ڇاڪاڻ ته اللہ پاڪ