Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil
جو لکيل مٽجندو نه آهي (2): اللہ پاڪ روح القدس سان توهان جي مدد فرمائيندو (3): توهان کي هميشه رهڻ وارين جنتن ۾ وٺي ويندو، جن جي هيٺان نهرون وهنديون آهن (4): اوهان خدا جي جماعت سڏيا ويندؤ، خدا وارا بڻجي ويندؤ (5): مَنَ گُهرِيون مرادون ماڻيندؤ بلڪه اميد، خيال ۽ گمان کان ڪروڙين درجا وڌيڪ ماڻيندؤ (6): سڀ کان وڌيڪ هي ته اللہ پاڪ اوهان کان راضي ٿيندو (7): هي ته فرمائي ٿو: مان اوهان کان راضي، اوهان مون کان راضي. ٻانهي جي لاءِ ان کان وڌيڪ نعمت ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته سندس رب کانئس راضي ٿئي، پر بنده پروري جي انتها اها آهي ته فرمايو ويو: اللہ انهن کان راضي ۽ اهي اللہ کان راضي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته ڪامل اِيمان جي تقاضائن مان هڪ اها به آهي ته ٻانهو اللہ ۽ رسول جي گستاخن، بدمذهبن ۽ بي دينن سان محبت نه رکي، انهن سان دوستيون نه نڀائي، انهن سان ميل ملاقات نه رکي، بلڪه اهو پڪو ذهن بڻائي ڇڏي ته:
جو ان کا ہے ہمارا ہے، یہی دِل کو بتایا ہے
عَدُو سے اُن کے دِل کی دوستی ہونے نہیں دیتے
اَلْحَمْدُ للہ! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن وصف ۾ به وڏو ڪمال رکندا هئا. هن معاملي ۾ به اللہ پاڪ جي سندن مٿان وڏي عنايت هئي. پاڻ فرمائن ٿا: اَلْحَمْدُ للہ! مون کي ننڍپڻ کان ئي اللہ ۽ رسول جي دشمنن سان نفرت آهي ۽ اللہ پاڪ جو فضل آهي ته اها نفرت منهنجي ٻارن جي ٻارن کي به گُھٽي يعني سُتِيءَ ۾ پياري وئي آهي.