Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil
زور باطِل کا، ضَلالت کا تھا، جس دَم ہند میں تُو مجدِّد بَن کے آیا، اے امام احمدرضا!
اہلِ سنّت کا چمن سر سبز تھا، شاداب تھا تازگی تُو اور لایا، اے امام احمد رضا!
تُونے باطِل کو مِٹا کر دِین کو بخشی جِلا سنّتوں کو پھر جِلایا اے امام احمدرضا! ([1])
25 صفر شريف تي سندن يوم عرس ٿيندو آهي، اَلْحَمْدُ للہ! عاشقانِ رسول ڌوم ڌام سان پنهنجي امام، امامِ اہلسنت سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جو عرس پاڪ ۽ خوشيون ملهائيندا آهن. الله پاڪ پنهنجي وليءِ ڪامل سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي صدقي اسان سڀني تي رحمت جي نظر فرمائي، اسان کي عشق رسول جي دولت نصيب ٿئي، فتنن واري هن دور ۾ ايمان تي استقامت (Persistence) ۽ آخرت ۾ بغير حساب جي جنت ۾ داخلا نصيب ٿي وڃي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
کیا خُوب اہتمام ہے، کیا اِنصرام ہے یومِ رضا ہے چاروں طرف دُھوم دھام ہے
اچو ته قرآن ڪريم جي هڪ آيت ڪريمه جي روشنيءَ ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرت پاڪ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا:
اسان شروعات ۾ پارو: 28، سُوْرَۂ مُجَادَلَۃ جي آيت: 22 جو ڪجهه حصو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
اُولٰٓىٕكَ كَتَبَ فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْاِیْمَانَ وَ اَیَّدَهُمْ بِرُوْحٍ مِّنْهُؕ (پارو: 28، المجادله: 22)
ترجمو ڪنزالعرفان: هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي.