Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

اَلْحَمْدُ للہ! هي ٻئي وصف (1): مضبوط ايمان (2): تائيد رَباني (يعني الله پاڪ جي خاص مدد ۽ نصرت) سندن سيرت پاڪ ۾ گڏوگڏ نظر اچي رهيا آهن. توهان هيءَ آيتِ ڪريمه پنهنجي ذهن ۾ ويهاري پوءِ حياتِ رضا جي باري ۾ پڙهڻ شروع ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هڪ هڪ صفحو پڙهندا ويندؤ، هن آيتِ ڪريمه جو فيضان سندن ذات پاڪ ۾ ڏسندا ويندؤ. 

اعليٰ   حضرت   ۽   تائيدِ   رَبَّاني

* اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي عمر مبارڪ صرف 4 سال هئي، اسان وٽ عام طور تي 4 سالن جي ٻار کي صحيح نموني ڳالهائڻ به نه ايندو آهي، عام طور تي ٻار ايتري عمر ۾ ٻاتو ڳالهائيندا آهن، بلڪه ڪجهه ته هن عمر ۾ فيڊر به پيئندا آهن، پر اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 4 سالن جي عمر مبارڪ ۾ ناظره قرآن ڪريم مڪمل ڪري چڪا هئا. * اڪثر 6 کان 7 سالن جي عمر ۾ ٻارن جا کير وارا ڏند ڀڄڻ شروع ٿيندا آهن، پر اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ايتري ننڍي عمر ۾ ڀريل مجلس ۾ عُلماء ۽ مشائخ جي موجودگيءَ ۾ تقرير فرمائي رهيا هئا * 8 سالن جو ٻار هجي، ان کي جيڪڏهن ڪٿي ساڻ وٺي وڃڻو هجي ته کيس چڱيءَ طرح سمجهائڻو پوندو آهي، ته پٽ! اتي وڃي هِي نه ڪجان، هُو نه ڪجان، پر اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي عمر مبارڪ جڏهن 8 سال هئي، ته ان وقت پاڻ درسِ نظاميءَ ۾ پڙهايو ويندڙ عربي ڪتاب تي، عربي زبان ۾ حاشيو لکي رهيا هئا. ([1]) * 13 سال 10 مهينا ۽ 4 ڏينهن جي عمر مبارڪ ۾ پاڻ پهرين فتويٰ لکيائون ۽ باقاعده مفتيءَ جي مَسنَد تي تشريف فرما ٿيا.([2]) * 22 سالن جي عمر مبارڪ ۾ پاڻ شاہه آلِ رسول رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي خدمت ۾


 

 



[1]... فیضان اعلیٰ حضرت ، صفحہ:85و 86 ملتقطًا خلاصۃً۔

[2]... حیات اعلیٰ حضرت، صفحہ:171۔