Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

هي ڪامل ايمان وارن، بلند مَرتبي وارن عاشقانِ رسول جي شان جو بيان آهي. هن جاءِ تي ٻه ڳالهيون ارشاد فرمايون ويون آهن: (1): جيڪي بلند مرتبي وارا عاشقانِ رسول هوندا آهن، رب ڪريم انهن جي دلين تي ايمان نقش فرمائي ڇڏيندو آهي. (2): پنهنجي طرف کان هڪ روح (مثال طور روح القدس حضرت جبرائيل عَلَیْہِ السَّلَام) جي ذريعي، انهن جي خاص مدد ۽ تائيد فرمائيندو آهي. ([1])

سيرتِ رَضا جو خلاصو

پيارا اسلامي ڀائرو! هي آيت ڪريمه جو اهو حصو آهي، جنهن مان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي تاريخِ ولادت ورتي وئي آهي، يعني سندن ولادت جو سال 1272 هه آهي ۽ آيتِ ڪريمه جي هن حصي جا اعداد پڻ 1272 آهن. 

اَلْحَمْدُ للہ! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي سيرتِ پاڪ کي ڏسون  ته هن آيت ڪريمه جو پورو پورو فيضان سندن ذات ۾ نظر اچي رهيو آهي. جيڪڏهن چيو وڃي ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جي 68 سالن جي مبارڪ زندگيءَ کي هڪ لائين ۾ بيان ڪيو! ته پوري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته: 

اُولٰٓىٕكَ كَتَبَ فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْاِیْمَانَ وَ اَیَّدَهُمْ بِرُوْحٍ مِّنْهُؕ          (پارو: 28، المجادله: 22)

ترجموڪنزالعرفان: هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي.

يعني اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهن پاڪ هستين مان هڪ آهن، جن جي دلين تي الله پاڪ ايمان نقش ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي خاص مدد ۽ تائيد فرمائي آهي. 


 

 



[1]... تفسیر قرطبی، پارہ:28، المجادلہ، زیرِ آیت:22، جلد:9، جز:17، صفحہ:192 ملتقطًا۔