Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

ڪريون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! غيب مان تائيد ۽ مدد حاصل ٿيندي. اللہ پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو: 

وَ  اَنْتُمُ  الْاَعْلَوْنَ  اِنْ  كُنْتُمْ  مُّؤْمِنِیْنَ(۱۳۹)    (پارو: 4، آل عمران: 139)

ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن توهان اِيمان وارا آهيو ته توهان ئي غالب ايندؤ.

يعني اي مسلمانو...!! اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا غلامو...!! غالب اوهان ئي رهندؤ، بس هڪ شرط آهي: سچي اِيمان وارا ٿي وڃو! اللہ پاڪ تي ڪامل ڀروسو رکڻ وارا بڻجي وڃو...!! هيءَ هڪ شرط پوري ڪئي وڃي، اِيمان سچو ۽ يقين پڪو ڪيو وڃي ته، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! مسلمان هميشه غالب رهندو. 

           غُلامی میں نہ کام آتی ہیں شمشیریں، نہ تدبیریں

جو     ہو     ذوقِ     یقیں     پیدا     تو     کٹ     جاتی     ہیں     زنجیریں ([1])

وضاحت: انسان جڏهن غلام بڻجي ويندو آهي ته نه تلوارون ڪم اينديون آهن ۽ نه ئي عقلمندن جون تدبيرون ڪم اينديون آهن، هي فقط ذوقِ يقين آهي، جيڪو نصيب ٿي وڃي ته هر مشڪل جو حل نڪري ايندو آهي. 

موجودھ دور جو سڀ کان وڏو مسئلو

پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاش اسان کي به اهڙو پڪو يقين نصيب ٿي وڃي! اڄ جي دور جو سڀ کان وڏو مسئلو جيڪڏهن ڏسجي ته اهو آهي بي يقيني واري ڪيفيت. اڄ امتِ مسلمه مجموعي طور تي ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهي: * غربت عام آهي * مشڪلاتون آهن، هر ٻيو ماڻهو مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي * لڙايون ۽ جهيڙا آهن * نااتفاقي آهي * دنيا ۾ ڪيترين جاين تي ته مسلمان ويچارا ظلم ۽ ستم جو شڪار آهن. اللہ پاڪ انهن جي غيب مان مدد فرمائي. اَلْحَمْدُ للہ! مسلمانن تاريخ ۾ شاندار ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، اللہ


 

 



[1]... کلیاتِ اقبال، بانگِ درا، صفحہ:301۔