Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

ٿيندو: ٻڌاءِ، ڇا ڇا ڪيو اٿئي؟ عرض ڪندو: * مون فرض نمازن سان گڏوگڏ هيتريون نفل نمازون به پڙهيون آهن * رمضان جا روزا ته رکندو ئي هئس، گڏوگڏ هيترا نفلي روزا به رکيا آهن * زڪوٰت ته ڏيندو هئس، پر ان سان گڏوگڏ  هيترو نفلي صدقو به ڪيو آهي * فرض حج ادا ڪيو، ان کان پوءِ به هيترا نفلي حج ڪيا آهن. مطلب ته هو پنهنجا نيڪ اعمال ٻڌائيندو ويندو، آخر ۾ اللہ پاڪ فرمائيندو: ہَلْ وَالَیْتَ لِیْ وَلِیًّا وَ عَادَیْتَ لِیْ عَدُوًّا ڇا تون منهنجي لاءِ منهنجي دوست سان دوستي ۽ منهنجي دشمن سان دشمني رکي...؟ ([1])   

اللہ! اللہ! غور فرمايو! * نمازون به آهن * روزا به آهن * حج به آهي    * زڪوٰت به آهي * صدقو ۽ خيرات به آهي * نفلي عبادتون به آهن، تَنهِنجي باوجود ڳالهه ان تي ٿي مڪمل ٿئي ته اللہ ۽ رسول جي دشمنن سان نفرت به ڪئي يا نه...؟ معلوم ٿيو ته سموري زندگي جون عبادتون هڪ طرف، اللہ ۽ رسول جي محبت ٻئي طرف...!! جيڪڏهن اها محبت آهي ته عبادت قبول آهي، جيڪڏهن اها محبت ناهي ته عبادت بيڪار آهي. 

اللہ پاڪ اسان کي درست سمجھ ۽ ڪامل اِيمان نصيب فرمائي، اللہ پاڪ اسان کي پنهنجي سچي پڪي محبت ۽ رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان   صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو ڪامل عشق نصيب فرمائي.

 اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم.

فتاوٰي رضويه موبائل ايپلي ڪيشن

اي عاشقانِ رسول! اَلْحَمْدُ للہ! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي آئي ٽيI.T  ڊپارٽمينٽ پاران مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز جاري ڪيون ويون آهن. تازو ئي هڪ شاندار موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي،


 

 



[1]...ملفوظاتِ  اعلیٰ حضرت صفحہ:164و 165۔