Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

الڳ Ph.D ڪيل هجي. صرف 68 سال دنيا ۾ گذارڻ وارو شخص ايترن علمن تي اهڙي ڪمال مهارت ڪيئن حاصل ڪري سگهي ٿو؟ عقل حيران ٿي وڃي ٿو، آخر اهو ئي چوڻو ٿو پوي ته سندن مٿان الله پاڪ جي خاص عنايت ۽ مهرباني هئي، نه ته اهڙا ڪارناما سرانجام ڏيڻ الله پاڪ جي خاص مدد کان سواءِ ممڪن ئي نه آهن. 

اعلي حضرت جو ايمانِ ڪامل

هاڻي ٿورو سندن ايمانِ ڪامل کي ڏسو! پاڻ فرمائن ٿا: جيڪڏهن منهنجي دل جا ٻه ٽڪرا ڪيا وڃن ته هڪ تي لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ ۽ ٻئي تي مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہ لکيل هوندو. ([1]) 

خُدا ایک پر ہو تو اِک پر مُحَمَّد                      اگر   قلب  اپنا  دو  پارا  کروں  میں ([2])

سُبْحٰنَ اللہ...!! ڇا شان آهي سندن ڪامل ايمان جو. هُونئن ته پاڻ تمام گهڻي عاجزي ڪرڻ وارا هئا، پر هن موقعي تي تَحديثِ نعمت جي لاءِ ڄڻ پاڻ ٻڌائي رهيا هئا ته مون تي رب رحمٰن جو انعام آهي جو منهنجي دل تي ايمان نقش ڪيو ويو آهي. 

مان سِتارا بڻائڻ واري کي ڏسي رهيو  آهيان

هي واقعو تمام گهڻو مشهور آهي، هڪ دفعي هڪ شخص حاضر ٿيو، جيڪو علمِ نجوم ۾ وڏي مهارت رکندو هو. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان کان پڇيو: ٻڌايو ته مِينهَن جو ڪهڙو انداز آهي؟ ڪڏهن وَسَندو؟ نجومي صاحب پنهنجي علم موجب لڪيرون وغيرهه ڪڍيون، زائچو ٺاهيو، سمورو حساب لڳائڻ کانپوءِ چيائين: هن مهيني ۾ مِينهُن نه آهي، ايندڙ مهيني وَسَندو. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه وڏي اطمينان ۽ يقين سان فرمايو: الله پاڪ کي سڀ قدرت حاصل


 

 



[1]...سوانح امام احمد رضا، صفحہ:94۔

[2]...سامانِ بخشش، صفحہ:153۔