Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

اي الله! طبيب کي ڪُوڙو   ۽  حبيب کي سَچو  ڪرڻ فرماءِ

 هڪ دفعي ائين ٿيو جو هندستان ۾ طاعون جي بيماري پکڙجي وئي، اهو هڪ تمام خطرناڪ ۽ مُوذِي مرض آهي. انهيءَ دوران اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به بيمار ٿي پيا. سخت بخار، ڪنن جي پويان ڳوڙهيون ۽ مَهارُون سُڄي ويون، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ کائڻ پيئڻ مشڪل ٿي ويو. طبيب کي گهرايو ويو، هن معائنو ڪيو ۽ چڱيءَ طرح سارسنڀال کان پوءِ 7 کان 8 دفعا چيائين: هي اهو ئي آهي، هي اهو ئي آهي، يعني طاعون جو مرض آهي. اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  فرمائن ٿا: مان ڳالهائي ته نه پئي سگهيس، پر دل ۾ پڪو يقين هو ته مون کي نه طاعون آهي ۽ نه ئي ڪڏهن ٿيندو.

هي يقين کين ڇو هو؟ انڪري ته حديث پاڪ ۾ هڪ دعا سيکاري وئي آهي ۽ حضور اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو ارشاد پاڪ آهي ته جيڪو شخص ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا شخص کي ڏسي هيءَ دعا پڙهندو ته اهو يعني پڙهڻ وارو ان مصيبت کان محفوظ رهندو. اها دعا هيءَ آهي: 

اَلْحَمْدُ للہ ِالَّذِیْ عَافَانِیْ مِمَّا ابْتَلَاکَ بِہٖ وَفَضَّلَنِیْ عَلٰی کَثِیْرٍ مِمَّنْ خَلَقَ تَفْضِیْلًا

ترجمو: اللہ پاڪ جو شڪر آهي، جنهن مون کي هن مصيبت کان عافيت ڏني، جنهن ۾ توکي مبتلا ڪيو ويو آهي ۽ مون کي پنهنجي تمام وڏي مخلوق تي فضيلت عطا فرمائي. 

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مان طاعون واري مريض کي ڏسي اها دعا پڙهي چڪو هئس، ان ڪري مون کي پنهنجي آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي فرمان تي مڪمل يقين هو ته مون کي ڪڏهن به طاعون نه ٿو ٿي سگهي. فرمائن ٿا: رات جو وقت هو، بيماري زور تي هئي، تڪليف تمام گهڻي ٿي رهي هئي، مون دل ئي دل ۾ دعا گهري: اَللّٰہُمَّ صَدِّقِ الْحَبِیْبَ وَ کَذِّبِ الطَّبِیْبَ اي اللہ پاڪ! حبيبِ ذيشان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو سچو هجڻ ۽ طبيب جو ڪوڙو هجڻ ظاهر فرماءِ. اڃان اها