Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil
هڪ دفعي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه اڪيلا گِهٽِيءَ ۾ ويٺا هئا، سامهون هڪ عربي شخص اچي رهيو هو. سندن عادت هئي ته اهلِ عرب جي عزت ڪندا هئا، ڪنهن عربي کي ڏسي وٺندا هئا ته اُٿي بيهي ان جي تعظيم ڪندا هئا، ڇاڪاڻ ته اسان جا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم عربي آهن.
تنهنڪري عربي شخص کي ايندو ڏسي پاڻ اٿڻ چاهيائون، پر دل ۾ ڪراهت محسوس ٿي، دل چيو ته نه اٿو...!! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان کي شيطان جو وارُ سمجهيو ۽ دل جي نه ٻڌي اٿي بيٺا، عربي شخص سان مليا، ويٺا، ان سان ڪجهه ڳالهيون ڪيائون ته معلوم ٿيو ته اهو وڏو ڪَٽَر گستاخِ رسول آهي. فرمائن ٿا: مون ان کي پاڻ کان پري ڪيو ۽ دل کي شاباس ڏني ته اللہ ۽ رسول جي گستاخن سان اهڙي ئي نفرت رکڻ گهرجي. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! ان ۾ به اسان جي لاءِ سبق آهي، اسان کي گهرجي ته اللہ ۽ رسول جي دشمنن سان دشمني ۽ دوستن سان دوستي رکون. اڄڪلهه حالتون ڪجهه مشڪل آهن، سوشل ميڊيا جو دور آهي، غير مسلم طرح طرح سان مسلمانن ۾ فتنا پکيڙي رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ ضروري آهي ته اسان پنهنجي اِيمان جي حفاظت ڪريون ۽ ان جو بهترين طريقو اهو آهي ته حديث پاڪ ۾ ڏنل هي اصول پنهنجو پاڻ تي نافذ ڪريون ته: اَلْحُبُّ فِیْ اللہِ وَالْبُغْضُ فِیْ اللہِ يعني ڪنهن سان دوستي رکڻي آهي ته اللہ جي رضا جي لاءِ ۽ ڪنهن سان نفرت ڪرڻي آهي ته اها به صِرف ۽ صِرف اللہ جي رضا جي لاءِ. ([2])
ڇا منهنجي دشمن سان دشمني به رکي ...؟
اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: حديث پاڪ ۾ آهي: قيامت جي ڏينهن هڪ شخص کي حساب جي لاءِ اللہ پاڪ جي حضور ۾ پيش ڪيو ويندو، سوال