Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

دعا گُهري ئي هئي ته ڪن ۾ آواز آيو: مِسواڪ ۽ ڪارا مِرچ. اَلْحَمْدُ للہ! ڪارا مرچ پِيهِي ان سان مِسواڪ ڪيم، اللہ پاڪ شِفا عطا فرمائي ڇڏي.([1]) 

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙو نه ڪمال آهي...!! هڪ طرف سندن ڪامل اِيمان آهي ته محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي فرمان تي يقين رکندي، ڊاڪٽر جي تشخيص کي رد ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف اللہ پاڪ جي خاص تائيد ۽ مدد ڏسو! غائبانه طور تي کين علاج به ٻڌايو ويو ۽ پاڻ شِفا ياب به ٿي ويا. 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

جهاز ٻڏڻ کان بچي وَيو

سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جڏهن پهريون دفعو پنهنجي والدين سان گڏ حج ڪرڻ لاءِ ويا هئا. ان وقت سندن عمر مبارڪ 22 سال ۽ ڪجهه مهينا هئي. هي سفر جيئن ته سامونڊي جهاز جي ذريعي هو، واپسي تي سمنڊ ۾ ٽن ڏينهن تائين لڳاتار سخت طوفان رهيو، ايترو ته شديد طوفان هو جو ماڻهو اميد لاهي ويٺا هئا ۽ ڪفن پائي ڇڏيا هئائون. سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ان وقت والده ماجده جي بيچيني ڏسي، انهن جي تسلي جي لاءِ بيساخته منهنجي زبان مان نڪتو: اوهان اطمينان رکو، خدا جو قسم! هي جهاز نه ٻڏندو. هاڻي ٿورو صورتحال کي تصور ۾ آڻي غور ڪريو! هڪ طرف اها حالت آهي جو ماڻهو اميد لاهي ڪفن پهري چڪا آهن ۽ ٻئي طرف سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آهن، جيڪي قسم کڻي چئي رهيا آهن ته هي جهاز نه ٻڏندو. اهڙو قسم اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڇو کنيو هو؟ ان جي وضاحت ڪندي فرمائن ٿا: اهو قسم مون ان حديث جي اطمينان تي کنيو هو، جنهن ۾ ٻيڙِيءَ تي سوار ٿيڻ وقت ٻڏڻ کان حفاظت جي دعا ارشاد ٿيل آهي. مون اها دعا پڙهي هئي، تنهنڪري حديث پاڪ جي سچي واعدي تي مطمئن هئس.([2]) 


 

 



[1]... ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:69 و71 ملتقطًا خلاصۃً۔

[2]... ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:181، 182 خلاصۃً۔