Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil
ڪريم مسلمانن کي وڏي شان ۽ شوڪت سان نوازيو آهي، پر هاڻي حالتون ڪجهه مختلف آهن. انهن جو سبب ڪهڙو آهي؟ جيڪڏهن ان تي تجزيو ڪيو وي ته ڪيترائي سبب اسان کي نظر ايندا، پر انهن سڀني حالتن جي هڪ وجهه، جنهن کي شايد سڀ کان وڏي وجهه به چئي سگهجي ٿو اها بي يقيني آهي. پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جو ارشاد عاليشان ٻڌو! مشھور صحابئ رسول حضرت ابو هريرھ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ روايت ڪن ٿا ته رسولِ اڪرم نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَا اَخَافُ عَلٰی اُمَّتِی اِلَّا ضِعْفَ الْیَقِیْنِ يعني مون کي پنهنجي امت تي ڪو خوف نه آهي، سواءِ يقين جي ڪمزوري جي. ([1])
هڪ ٻي حديث پاڪ ٻڌو! اسان جي نبي سڳوري صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: نَجَا اَوَّلُ ہٰذِہِ الْاُمَّۃِ بِالْیَقِیْنِ وَ الزُّہْدِ هن امت جا اڳيان ماڻهو يقين ۽ دنيا کان بي رغبتيءَ جي سبب نجات حاصل ڪري ويا، وَ یَہْلِکُ آخِرُ ہٰذِہِ الْاُمَّۃِ بِالْبُخْلِ وَالْاَمَلِ ۽ هن امت جي آخر ۾ اچڻ وارا بخل ۽ ڊگهين اميدن جي ڪري هلاڪ ٿي ويا. ([2])
اللہ پاڪ اسان کي ڪامل اِيمان ۽ پڪو يقين نصيب فرمائي.
اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم .
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان آيتِ ڪريمه ٻڌي، ربّ ڪريم فرمائي ٿو:
اُولٰٓىٕكَ كَتَبَ فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْاِیْمَانَ وَ اَیَّدَهُمْ بِرُوْحٍ مِّنْهُؕ (پارو: 28، المجادله: 22)
ترجمو ڪنزالعرفان: هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي.