Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil

ترجمو ڪنزالعرفان:  هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي.

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  جو مختصر تعارُف

پيارا اسلامي ڀائرو! * اعليٰ حضرت، شاہه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه گذريل صديءَ جا تمام وڏي رُتبي وارا بزرگ آهن. * پاڻ سُنين جا امام آهن * حق جي سڃاڻپ آهن، سندن بابرڪت ذات دنياءِ اسلام جي لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي * جڏهن غير مسلم (Non-Muslims) اسلام جي خلاف سازشون ڪري رهيا هئا * بدمذهبي زور پڪڙي رهي هئي * بدعتون عام ٿي رهيون هيون * مَعَاذَ اللہ! قرآني آيتن جي معنيٰ کي بدلائڻ جون ناپاڪ ڪوششون ٿي رهيون هيون * اسلامي تعليمات (Islamic Teachings) کي بدلائڻ جي جرئت ڪئي پئي وئي * اهڙن فتنن جي دور ۾، الله پاڪ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه    جي صورت ۾ اسلام کي هڪ عظيم نعمت سان نوازيو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مجدد بڻجي تشريف کڻي آيا ۽ اَلْحَمْدُ للہ! * پاڻ فتنن کي پَاڙَئُون پَٽي (يعني فتنن جو رَدُ فرمايو) اڇلايائون * غير مسلمن جي سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو * بدمذهبيءَ جو زور ٽوڙيائون * بدعقيدگيءَ جو خاتمو ڪيائون * اصل اسلامي عقيدن جي صحيح تشريح فرمايائون          * اسلامي عقيدن تي * اسلام جي اعليٰ تعليمات تي * قرآن جي عزت ۽ حرمت تي * رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم جي عزت ۽ ناموس تي پهرو ڏنائون * بدعتن کي ختم ڪيائون * سنتن کي عام ڪيائون    * معاشري (Society) جي اصلاح فرمايائون * ماڻهن کي عشقِ رسول جا جام ڀري ڀري پياريائون ۽ * اَلْحَمْدُ للہ! فتنن کي ختم ڪري دين جو پرچم بلند ڪري ڇڏيائون.

تُو نے باطِل کو مِٹایا اے امام احمدرضا!                 دِین کا ڈَنکا بَجایا اے امام احمد رضا!