Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil
سُبْحٰنَ اللہ! قربان وڃجي! سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي اهڙي ڪامل يقينِ تي.
شايد هي سندن يقينِ ڪامل جي ئي برڪت هئي جو اهو طوفان، جيڪو ٽن ڏينهن کان هلي رهيو هو، ٻن گهڙين ۾ مڪمل طور تي رڪجي ويو ۽ جهاز نجات حاصل ڪئي.
اَلْبَحْرُ عَلَا وَ الْمَوْجُ طَغٰی، مَنْ بَے کَسُ و طُوفَاں ہَوْش رُبا
مَنْجْدھار میں ہُوں بِگْڑِی ہے ہَوا، مَوْرِیْ نَیَّا پَار لگا جانا ([1])
وضاحت: يعني يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! سمنڊ ۾ طوفان برپا آهي، پاڻي جون لهرون جوش ۾ آهن، مان بيڪس آهيان ۽ طوفان اهڙو آهي جو ماڻهوءَ جا هوش خطا ٿي وڃن. يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم! اهڙي حالت ۾ منهنجي ٻيڙي وِچَ سمنڊ ۾ ڦاسي پئي آهي، هوا به مخالف رُّخَ ڏانهن هلي رهي آهي، هاڻي بس اوهان جو ئي سھارو آهي، منهنجي ٻيڙي پار لڳايو!
پيارا اسلامي ڀائرو! سيرتِ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مان هي ڪجهه مثال پيش ڪيا ويا، اوهان اندازو لڳايو! هي انهيءَ ئي آيتِ ڪريمه جو فيضان آهي، جيڪو اوهان جي سيرتِ پاڪ ۾ واضح نظر اچي رهيو آهي ته:
اُولٰٓىٕكَ كَتَبَ فِیْ قُلُوْبِهِمُ الْاِیْمَانَ وَ اَیَّدَهُمْ بِرُوْحٍ مِّنْهُؕ (پارو: 28، المجادله: 22)
ترجمو ڪنزالعرفان: هي اهي ماڻهو آهن جن جي دلين ۾ الله ايمان نقش فرمائي ڇڏيو ۽ پنهنجي طرف کان روح جي ذريعي انهن جي مدد ڪئي.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ اسان جي لاءِ درس آهي، اسان کي به گهرجي ته پنهنجو اِيمان مضبوط ڪريون، اللہ ۽ رسول جي فرمان تي يقين پختو