Book Name:Ala Hazrat Ka Iman e Kamil
هاڻي آيتِ ڪريمه تي هڪ ٻئي انداز سان غور فرمايو! اللہ پاڪ فرمايو: lk^ يعني اهي ماڻهو. سوال آهي: ڪهڙا ماڻهو؟ اللہ پاڪ فرمايو:
لَا تَجِدُ قَوْمًا یُّؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ یُوَآدُّوْنَ مَنْ حَآدَّ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ لَوْ كَانُوْۤا اٰبَآءَهُمْ اَوْ اَبْنَآءَهُمْ اَوْ اِخْوَانَهُمْ اَوْ عَشِیْرَتَهُمْؕ (پارو: 28، المجادله: 22)
ترجمو ڪنزالعرفان: تون اهڙن ماڻهن کي نه ڏسندين جيڪي اللہ ۽ آخرت جي ڏينهن تي اِيمان رکندا هجن، جو انهن ماڻهن سان دوستي ڪن جن اللہ ۽ ان جي رسول سان مخالفت ڪئي پوءِ ڀلي اهي انهن جا پيءُ، يا انهن جا پٽ يا انهن جا ڀائر يا انهن جي خاندان وارا هجن.
يعني اي محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم، جيڪو به اوهان جو غلام آهي، اوهان تي اِيمان آڻڻ وارو آهي، اللہ پاڪ تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي اِيمان آڻڻ وارو آهي، ايئن ٿي ئي نه ٿو سگهي ته هو اللہ ۽ ان جي رسول جي دشمنن سان دوستي رکي. پوءِ اهي الله ۽ رسول جا دشمن سندس ڪيترا به ويجها ڇو نه هجن، چاهي اهو سندس پيءُ هجي، پٽ هجي، ڀاءُ هجي يا خاندان جو ڪو به فرد هجي، جيڪو اللہ ۽ رسول جو دشمن آهي، ڪامل اِيمان وارو ان سان دوستي رکي ئي نه ٿو سگهي ۽ جيڪو اهڙي ڪامل اِيمان وارو هوندو آهي، جيڪو سندن دشمنن سان دوستي نه رکندو آهي، ان جو عشق کيس مجبور ڪري ڇڏيندو آهي ۽ سندس نظريو هي بڻجي ويندو آهي ته:
اپنا عزیز وہ ہے جسے تُو عزیز ہے ہم کو ہے وہ پسند جسے آئے تُو پسند ([1])
جيڪو اهڙي ڪامل اِيمان وارو آهي، ان کي ڪهڙن ڪهڙن انعامن سان نوازيو ويندو آهي؟ ربّ ڪريم فرمائي ٿو: