Wiladat e Mustafa Ki Barkat

Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat

يعني اسان ۽ عام انسانن جي لاءِ لفظ استعمال ٿيو: خَلَقَ (جنهن جي معنيٰ آهي: پيدا ڪرڻ). رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جن لاءِ لفظ استعمال ٿيو: بَعَثَ، جنهن جي معنيٰ آهي: موڪلڻ. ٭ دنيا ۾ اسان به آياسين ٭ دنيا ۾ اسان جا آقا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم به تشريف فرما ٿيا ٭ پوءِ هي لفظن جو فرق (Difference) ڇو آهي؟ ڇاڪاڻ ته انهن جو اچڻ مختلف آهي ۽ اسان جو اچڻ مختلف آهي ٭ اهي هدايت ڏيڻ جي لاءِ آيا، اسان هدايت وٺڻ جي لاءِ آياسين ٭ اهي ايمان ڏيڻ جي لاءِ آيا، اسان ايمان وٺڻ جي لاءِ آياسين ٭ اهي قرآن سيکارڻ جي لاءِ آيا، اسان قرآن سکڻ جي لاءِ آياسين ٭ اهي الله پاڪ جي اعليٰ ترين نعمت آهن، جيڪي تحفي (Gift) ۽ احسان طور اسان کي عطا ڪيا ويا آهن.([1]) 

دِل جگمگا رہے ہیں قسمت چمک اُٹھی ہے                  پھیلا نیا اجالا صبحِ شبِ وِلادت

دِن پِھر گئے ہمارے، سوتے نصیب جاگے                خورشید ہی وہ چمکا صبحِ شبِ وِلادت ([2])

مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه هن مقام تي فرمائن ٿا: پاڻ ڪريم   صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جن جو دنيا ۾ اچڻ ائين آهي جيئن ڪنهن حاڪم جو هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي بَدلِي (Transfer) ٿي اچڻ ، ان جو مطلب اهو نه آهي ته ان آفيسر جي تخليق ئي هاڻي ٿي آهي، بلڪه هو پهريان ئي موجود هو، هاڻي صرف جاءِ جي تبديلي ٿي آهي. ائين ئي اول ۽ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي نور مبارڪ جي تخليق سموري مخلوق کان پهريان ٿي چڪي هئي، دنيا ۾ اچڻ کان پهريان پاڻ سڳورا صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم عالَمِ ارواح  ۾ رسول هئا، سڀني نبين کي فيض ڏئي رهيا هئا، يعني ان وقت پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم عالَمِ


 

 



[1]... تفسیرِ نعیمی،پارہ:4،آلِ عمران،زیرِ آیت:164،جلد:4،صفحہ:347 مفصلًا۔

[2]... ذوقِ نعت،صفحہ:94-96 ملتقطًا۔