Wiladat e Mustafa Ki Barkat

Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat

ارشاد ٿيو: 

اِذْ  بَعَثَ  فِیْهِمْ  رَسُوْلًا  مِّنْ  اَنْفُسِهِمْ  (پارو: 4، آلِ عمران: 164)

ترجمو ڪنزالعرفان: جڏهن انهن ۾ هڪ رسول موڪليو، جيڪو انهن ئي مان آهي.

سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي ربّ ڪريم جو اهو عظيم الشان احسان، جيڪو اللہ پاڪ اسان کي جَتايو آهي. 

رَبِّ اعلیٰ کی نعمت پہ اعلیٰ درود                     حق تَعَالیٰ کی مِنَّت پہ لاکھوں سلام

ہم غریبوں کے آقا پر بےحد درود               ہم فقیروں کی ثَرْوَت پہ لاکھوں سلام ([1])

وضاحت: الله ڪريم، جيڪو تمام وڏي شان وارو آهي، ان جي اعليٰ ترين نعمت حضورِ اڪرم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تي اعليٰ درود هجن، اللہ پاڪ پنهنجو محبوب اسان جي هدايت لاءِ موڪلي جيڪو احسان فرمايو، ان محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تي لکين ڪروڙين سلام هجن. اهي محبوب صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جيڪي اسان غريبن جا آقا آهن، اسان فقيرن جي دولت آهن، ان تي بيحد درود ۽ بيشمار سلام هجن. 

پيارا اسلامي ڀائرو! هتي هڪ ايمان افروز نقطو به آهي، ڏسو! ربّ ڪريم فرمايو:

اِذۡ بَعَثَ فِیۡہِمۡ رَسُوۡلًا

بَعَثَ جو مطلب آهي: موڪلڻ. ۽ موڪليو ان کي ويندو آهي، جيڪو پهريان کان موجود هجي. قرآن ڪريم ۾ منهنجي، اوهان جي ۽ سڀني انسانن جي دنيا ۾ اچڻ جو ذڪر به آهي، پر انهن لفظن سان اللہ پاڪ فرمائي ٿو:

خَلَقَ الْاِنْسَانَ    (پارو: 14، النحل: 4)

ترجمو ڪنزالعرفان: ان انسان کي پيدا ڪيو


 

 



[1]... حدائقِ بخشش،صفحہ:298۔