Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat
محفلِ ميلادِ مصطفيٰ جون برڪتون
علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: ميلاد ملهائڻ تعظيمِ مصطفيٰ جي هڪ صورت آهي ٭ ميلاد ملهائي مسلمان اللہ پاڪ جي هڪ وڏي نعمت (يعني سرورِ عالم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي آمد) جو ذڪر ڪندا آهن ٭ ۽ ان نعمت جو شڪر ادا ڪندا آهن ٭ ميلاد جي ذريعي واعظ ۽ نصيحت ڪئي ويندي آهي ٭ ميلاد جي برڪت سان دل ۾ عظمتِ رسول وڌندي آهي ٭ ميلاد جي برڪت سان عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو آهي ٭ ۽ عشقِ رسول جي برڪت سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي، يعني ميلاد ملهائڻ ايمان جي مضبوطي جو ذريعو آهي ٭ ذڪرِ مصطفيٰ جي محفل تي رحمت جا فرشتا ايندا آهن ٭ ۽ ميلاد جي برڪت سان دين ۽ دنيا جون بيشمار (Countless) برڪتون ملنديون آهن. ([1])
امام جلال الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: جنهن گھر، مسجد يا محلي ۾ ميلاد شريف پڙهيو وڃي ٭ فرشتا ان گھر، مسجد ۽ محلي کي گھيري وٺندا آهن ٭ ۽ فرشتن جا سردار يعني حضرت جبرائيل، حضرت ميڪائيل، حضرت اسرافيل ۽ حضرت عزرائيل عَلَیْهِم السَّلَام ميلاد شريف پڙهڻ وارن جي لاءِ رحمت ۽ رضوان جي دعا ڪندا آهن ٭ جنهن گھر ۾ ميلاد شريف پڙهيو ويندو آهي ٭ اللہ پاڪ ان گھر کي ڏُڪار (Famine) ٭ وبائي بيمارين (Endemic Diseases) ٭ باهه لڳڻ ٭ ٻڏڻ ۽ ٻين اهڙين ڪيترين ئي آفتن کان محفوظ رکندو آهي ٭ ان گھر ۾ رھڻ وارن کي بغض ۽ حسد کان ٭ بري نظر کان ۽ چوري جي خطري کان بچايو ويندو آهي ٭ ۽ جيڪڏهن