Wiladat e Mustafa Ki Barkat

Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat

آهي، استاد به ايترو ئي ماهر (Expert) چونڊيو ويندو آهي. هاڻي ٻڌايو! اهڙو عظيم الشان ڪتاب، جنهن کي پڙهائڻ ۽ سيکارڻ جي لاءِ ربّ پاڪ نبين جي سردار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم کي موڪليو هجي، ڇا اسان ان ڪتاب کي صرف ڪجهه ويڊيو ڪلپس ڏسي ۽ 2، 4 ترجما پڙهي سکڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ڇا ان کي سکي وٺنداسين؟ نه نه...!! اهو عظيم نصاب آهي ٭ ان کي سکڻ ۽ سمجهڻ جي لاءِ باقاعدي ڪنهن عاشقِ رسول عالمِ دين جي خدمت ۾ حاضر ٿي سکڻ گهرجي ٭ جيڪڏهن تفسيرِ قرآن بابت ويڊيوز وغيرهه ڏسڻيون هجن ته اُهي به ڪنهن عاشقِ رسول مستند عالمِ دين جون ئي ڏسو ٭ عاشقانِ رسول عُلماءِ ڪرام جون لکيل تفسيرون ئي پڙهو ٭ الحمد للہ! دعوتِ اسلامي تفسير صراط الجنان عطا ڪئي آهي، ان کي پڙهو! ٭ تفسير نور العرفان پڙهو!  ٭ تفسير خزائن العرفان پڙهو! تفسير صراط الجنان جي ته الحمد للہ! موبائل ايپلي ڪيشن به موجود آهي، ان کي پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو! ان مان فائدو حاصل ڪيو! مدني چينل تي درسِ قرآن جا پروگرام ڏسو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نورِ قرآن، فيضانِ قرآن نصيب ٿيندو. اللہ پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم . 

ان کان پوءِ اللہ پاڪ فرمايو:

وَ  اِنْ  كَانُوْا  مِنْ  قَبْلُ  لَفِیْ  ضَلٰلٍ  مُّبِیْنٍ(۱۶۴) (پارو: 4، آلِ عمران: 164)

ترجموڪنزالعرفان: جڏهن ته اُهي ان کان اڳ ۾ کليل گمراهي ۾ هئا.

هن ۾ به رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي نعتِ پاڪ آهي، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ان کي هن ريت بيان ڪيو آهي: