Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat
ماڻهن ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ پنهنجي نوراني شعاعن سان انهن جي انڌن آئينن يعني گناهن جي سياھي ۾ ٻڏل دلين کي روشن ڪري ڇڏيائون. ([1])
دن پھر گئے ہمارے سوتے نصیب جاگے خُورشید ہی وہ چمکا صُبحِ شبِ وِلادت ([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان هيءَ هڪ آيتِ ڪريمه ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، هن آيت ۾ اللہ پاڪ محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي دنيا ۾ تشريف آوري کي تمام وڏو احسان قرار ڏنو آهي ۽ جڏهن اللہ پاڪ احسان فرمائي، اللہ پاڪ جي نعمت ملي ته اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟ ٻئي هنڌ اللہ پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ۠(۱۱) (پارو: 30، الضحيٰ: 11)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ پنهنجي رب جي نعمت جو خوب چرچو ڪر.
معلوم ٿيو ته! جڏهن اللہ پاڪ جي طرفان ڪا نعمت ملي ته ان نعمت جو شڪر ادا ڪرڻ جي لاءِ ان جو خوب چرچو ڪرڻ گهرجي. ميلاد اصل ۾ اهو ئي آهي، ميلاد نعمت جو شڪر آهي ۽ اسان ڄاڻون ٿا ته نعمت جيتري وڏي هوندي آهي، شڪر به ايترو ئي وڏي جوش ۽ جذبي سان ڪيو ويندو آهي. مثال طور: ٭ اوهان کي 10 روپين جي ضرورت هئي، ڪنهن اوهان کي ڏئي ڇڏيا، اوهان سندس شڪريو ادا ڪندا ٭ پر جڏهن توهان کي پروموشن ملندو آهي، ڪم ۾، نوڪري (Job) ۾ ترقي (Promotion) ملندي آهي تڏهن توهان ڇا ڪندا آهيو؟ دوستن جون دعوتون ڪندا آهيو، مٺايون (Sweets) ورهائيندا