Wiladat e Mustafa Ki Barkat

Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat

ان گھر جي اهلِ خانه مان ڪو فرد وفات ڪري وڃي ته ان تي نڪيرين (يعني قبر ۾ سوال پڇڻ وارا فرشتا) جي سوالن جا جواب آسان ڪيا ويندا آهن. ([1]) 

حضرت خواجه جنيد بغدادي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: محفلِ ميلاد شريف ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ان محفل جي عزت ۽ تڪريم ڪرڻ سان ايمان مضبوط ٿيندو آهي. ([2]) 

علامه قسطلاني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ٭ ميلاد ملهائڻ جي برڪت سان سڄو سال گھر ۾ امن رهندو آهي. ٭ دلي مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ ميلاد ملهائڻ واري کي خوشيون ملنديون آهن ٭ ۽ سندس جائز تمنائون پوريون ٿينديون آهن. ([3])  

تیرا کھاواں میں تیرے گیت گاواں یَا رسولَاللہ!

تیرا میلاد میں کیوں نہ مناواں یَا رسولَاللہ!

ميلاد ملهائڻ جنت ۾ وٺي وڃڻ وارو  ڪم  آهي

        حضرت سري سقطي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمايو آهي: جيڪو محفلِ ميلاد ۾ وڃڻ جو ارادو ڪندو آهي، اهو اصل ۾ جنت جي باغن ۾ وڃڻ جو ارادو ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته محفلِ ميلاد صرف ۽ صرف محبتِ رسول جي ڪري ئي سجائي ويندي آهي ۽ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جو فرمانِ عالي شان آهي: مَنْ اَحَبَّنِی کَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّۃِ جيڪو مون سان محبت ڪندو آهي، سو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([4]) 


 

 



[1]...نعمۃ الکبریٰ لابن حجر، فصل  فی بیان فضل  مولدِ النبی ،صفحہ:7بتقدم و تاخر۔

[2]...نعمۃ الکبریٰ لابن حجر،فصل  فی بیان فضل  مولدِ النبی ،صفحہ:6 ۔

[3]... شرح زرقانی ،المقصد الاول،ذکر رضاعہ ،جلد:1،صفحہ:262 ۔

[4]...نعمۃ الکبریٰ لابن حجر، فصل  فی بیان فضل  مولدِ النبی ،صفحہ:7۔