Wiladat e Mustafa Ki Barkat

Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat

ذوق ۽ شوق سان ميلاد جون خوشيون ملهائڻ جي توفيق عطا فرمائي. اچو ته! آيتِ ڪريمه جي وضاحت ٻڌون ٿا: 

آيتِ ڪريمه جي مختصر وضاحت

اللہ پاڪ فرمايو: 

لَقَدْ   (پارو: 4، آلِ عمران: 164)  

ترجموڪنزُ العرفان: بيشڪ

لَام جي معنيٰ آهي: ضرور. قَدْ جو مطلب آهي: تحقيق، بيشڪ. عربي (Arabic) ۾ جڏهن ڪنهن ڳالهه کي پڪو ڪري تاڪيد سان بيان ڪرڻو هوندو آهي ته اهي لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن، ان جو مطلب آهي ته هاڻي جيڪا ڳالهه ٻڌائي ويندي، اها تمام اهم به آهي ۽ ان جا انڪاري به گھڻا آهن، تنهنڪري اللہ پاڪ ٻِيڻي تاڪيد جو ذڪر ڪيو. لَقَدْ ضرور، تحقيق. ([1]) 

مَنَّ اللّٰہُ عَلَی الۡمُؤۡمِنِیۡنَ

(پارو: 4، آلِ عمران: 164)                                ترجموڪنزالعرفان: اللہ ايمان وارن تي وڏو احسان فرمايو.

هتي ٻه ڳالهيون آهن: (1): اها ته اڳتي جنهن نعمت ۽ احسان جو ذڪر آهي، اهو صرف مسلمانن تي نه، پر سموري انسانذات (Humanity) تي هو، پر جيئن ته اللہ ڪريم جي هن فضل ۽ احسان کي مڃڻ وارا ۽ ان جو شڪر ڪرڻ وارا صرف مسلمان ئي آهن، تنهنڪري فرمايو ويو: اللہ پاڪ مسلمانن تي احسان ڪيو. (2): ٻي ڳالهه اها ته بغير محنت ۽ بغير معاوضي جي، فقط احسان طور جيڪو انعام عطا ڪيو وڃي، ان کي عربي ۾ مَنّ چيو ويندو آهي. ([2]) يعني اسان ان جي لائق نه هئاسين ته اسان تي اهو احسان ڪيو وڃي ها، پر الله پاڪ فقط پنهنجي عظيم فضل سان اسان تي هي احسان فرمايو، ڪهڙو احسان ڪيو ويو؟


 

 



[1]... تفسیرِ نعیمی،پارہ:4،آلِ عمران،زیرِ آیت:164،جلد:4،صفحہ:346 خلاصۃً۔

[2]... تفسیرِ نعیمی،پارہ:4،آلِ عمران،زیرِ آیت:164،جلد:4،صفحہ:347 خلاصۃً۔