Wiladat e Mustafa Ki Barkat

Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat

حقي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ميلاد جي محفل سجائڻ به سندن تعظيم ۽ توقير (Respect) ۾ شامل آهي. ([1]) 

ذکرِ میلادِ مبارَک کیسے چھوڑیں ہم بھلا                     جن کا کھاتے ہیں اُنہی کے گیت گاتے جائیں گے

مُنْعَقِد کرتے رہیں گے اجتماعِ ذکرونعت                   دھوم اُن کی نعت خوانی کی مچاتے جائیں گے

جشنِ  ولادت  ملهائڻ  جو  ثواب

شيخ عبد الحق محدث دهلوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ولادت جي رات خوشي ملهائڻ وارن جي جزا اها آهي ته اللہ پاڪ انهن کي پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان جَنّاتُ النَّعِیْم ۾ داخل فرمائيندو ٭ مسلمان هميشه کان ميلاد جون محفلون سجائيندا، ولادت جي خوشي ۾ دعوتون ڪندا، کاڌا پچرائيندا ۽ خوب صدقا ۽ خيراتون ڪندا آيا آهن ٭ مصطفيٰ جي ولادت جي موقعي تي خوب خوشي جو اظهار ڪيو ويندو آهي ٭ راههِ خدا ۾ دل کولي خرچ ڪيو ويندو آهي ٭ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي ولادتِ باسعادت جي ذڪر جو اھتمام ڪيو ويندو آهي ٭ گھرن کي سينگاريو ويندو آهي ٭ انهن سڀني سٺن ڪمن جي برڪت سان مسلمانن تي اللہ پاڪ جون رحمتون نازل ٿينديون آهن. ([2]) 

الله پاڪ فخر فرمائيندو آهي

اسلام جا پھريان بادشاھ، اميرِ سلطنتِ مصطفيٰ، عظيم صحابي رسول حضرت اميرِ معاويه رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هڪ دفعي صحابه ڪرام عَلَیْہِمُ الرِّضْوان حلقو ٺاهي ويٺا هئا ته سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم تشريف کڻي آيا. پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم پڇيو: مَااَجْلَسَکُمْ؟ يعني اي منھنجا صحابه! توهان


 

 



[1]...تفسیر روح البیان، پارہ:26، الفتح،زیرِ آیت:29، جلد:9، صفحہ:56۔

[2]...ما ثبت من السنۃ، صفحہ:102  ملتقطًا۔