Wiladat e Mustafa Ki Barkat

Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat

وڃڻ انتھائي افسوسناڪ آهي. بجلي (Electricity) جي چوري به ناجائز آهي. تنهن ڪري هن سلسلي ۾ بجلي فراهم ڪرڻ واري اداري سان رابطو ڪري جائز ذريعن سان چراغان ڪرڻ جو بندوبست ڪريو. 

(8): جلوسِ ميلاد ۾ حتي الامڪان وضوءَ سان رهو، نماز باجماعت جي پابندي جو خيال رکو. عاشقانِ رسول نماز جي جماعت ترڪ ڪرڻ  وارا  نه هوندا  آهن. 

(9): جلوسِ ميلاد ۾ ٽانگو ۽ اُٺ گاڏي نه آڻيو، ڇاڪاڻ ته گھوڙي ۽ اُٺ جي پيشاب ۽ لِڏِ ڪَرڻ سان عاشقانِ رسول جا ڪپڙا پليت ٿيڻ جو انديشو هوندو آهي. 

(10): جلوس ۾ مڪتبة المدينه جا رسالا خوب ورهايو، فروٽ ۽ کاڌو وغيرهه اُڇلائي ڏيڻ جي بدران ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيو، ڇاڪاڻ ته زمين تي ڪرڻ، وِکرَڻ ۽ پيرن هيٺان لتاڙجڻ سان انهن جي بيحرمتي ٿيندي آهي. 

(11): اشتعال انگيز نعري بازي پُروقار جلوسِ ميلاد کي منتشر ڪري سگھي ٿي، پُراَمن رهڻ ۾ اوهان جي پنهنجي ئي ڀلائي آهي. 

(12): خدا نخواسته جيڪڏهن ڪٿي ڪا ٿوري گهڻي مزاحمت ٿئي تڏهن به جذبات ۾ اچي جوابي ڪارروائي نه ڪيو، ڇو جو ائين ڪرڻ سان اوهان جو جلوسِ ميلاد منتشر ٿي ويندو ۽ دشمن جو مقصد پورو ٿي ويندو. ([1]) 

غُنچے چَٹکے، پُھول مہکے ہر طرف آئی بہار                    ہو گئی  صبحِ   بَہْاراں  عید ِ  میلادُ النّبی ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                 صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

مدني قاعِدھ (Madani Qaida) موبائِل ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم جو فيض عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي I.T ڊپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن


 

 



[1]... صبحِ بہاراں ،صفحہ:20 - 24 ملتقطًا۔

[2]... وسائلِ بخشش،صفحہ:380۔