Book Name:Wiladat e Mustafa Ki Barkat
آهيو ٭ فرض ڪريو! اوهان کي اولاد نه آهي، شادي (Marriage) کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن، 20 سالن کان پوءِ اللہ پاڪ اوهان کي چنڊ جهڙو پٽ عطا ڪيو آهي، اهڙي موقعي تي ڇا ڪندا آهيو؟ سيني ۾ دل جهمومي رهي هوندي آهي، کُلي دل سان سخاوت (Generosity) ڪئي ويندي آهي، سڄي پاڙي ۾ مٺايون ورهايون وينديون آهن، رشتيدارن (Relatives) کي دعوت ڏئي گهرايو ويندو آهي ۽ پنهنجي خوشي ۾ شريڪ ڪيو ويندو آهي. ان مان معلوم ٿيو ته جيتري وڏي نعمت هوندي آهي، اوترو ئي وڌيڪ جوش ۽ خروش سان ان جو شڪر ادا ڪيو ويندو آهي ۽ خوشي ملهائي ويندي آهي. قرآن ڪريم مان جڏهن اِهو ثابت آهي ته ايمان وارن لاءِ سڀ کان وڏي نعمت، اللہ پاڪ جو سڀ کان وڏو فضل جيڪو آهي، اهو رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم آهن، ته هاڻي پاڻ سوچيو! هن نعمت ملڻ جي موقعي تي اسان کي ڪيتري جوش ۽ خروش سان شڪر ادا ڪرڻو آهي، ڪيتريون خوشيون ملهائڻيون آهن.
ميلاد ملهائڻ به تعظيمِ مصطفيٰ ۾ شامل آهي
پارو: 26، سورة فتح، آيت: 8-9 ۾ اللہ پاڪ ارشاد فرمايو آهي:
اِنَّاۤ اَرْسَلْنٰكَ شَاهِدًا وَّ مُبَشِّرًا وَّ نَذِیْرًاۙ(۸) لِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ وَ تُعَزِّرُوْهُ وَ تُوَقِّرُوْهُؕ-وَ تُسَبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًا(۹) (پارو: 26، الفتح: 8-9)
ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ اسان توهان کي گواهه ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو ۽ ڊيڄاريندڙ بڻائي موڪليو ته جيئن (اي انسانو!) توهان اللہ ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ رسول جي تعظيم ۽ توقير ڪريو ۽ صبح ۽ شام اللہ جي پاڪائي بيان ڪريو.
هن آيتِ ڪريمه ۾ اللہ پاڪ اسان مسلمانن کي رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي خوب تعظيم ۽ توقير جو حڪم ڏنو آهي. علامه اسماعيل